جو بائيڊن جي ڪاميابي تي فلسطين ۽ ايران جو ردعمل

 

جو بائيڊن جي نئين آمريڪي صدر طور چونڊ تي فلسطين ۽ ايران هاڪاري ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

فلسطيني صدر محمود عباس نئين آمريڪي صدر جو بائيڊن کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي وائيٽ هائوس جو گذريل 3 ورهين کان جاري بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ طرفان يروشلم کي اسرائيل جو تخت گاهه تسليم ڪرڻ کانپوءِ فلسطيني قيادت وائيٽ هائوس سان ڳالهين جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو هو.

هوڏانهن ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته نئين وائيٽ هائوس انتظاميا وٽ ماضي جي غلطين جي ازالي جو موقعو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.