پي ڊي ايم سربراهه فوجي قيادت جا نالا کڻڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) سربراهه مولانا فضل الرحمان فوجي قيادت جو نالو کڻڻ جي حمايت ڪري ڇڏي.

پي ڊي ايم اجلاس کانپوءِ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ پارٽين جا سربراهه ۽ نمائندا شريڪ ٿيا، معاشي بحران ملڪ جو سنگين مسئلو آهي، عوام جو سڪون ۽ عزت کسي وئي آهي، پي ڊي ايم جو اصل هدف ملڪ ۾ حقيقي جمهوري نظام جي بحالي آهي.

هن چيو ته حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ هڪ ميثاق طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سموريون جماعتون گڏيل ميثاق لاءِ 13 نومبر تي پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون، 14 نومبر تي اسلام آباد ۾ اپوزيشن جماعتن جو سربراهي اجلاس ٿيندو.

جي يو آءِ سربراهه ڪراچي ۾ مريم نواز ۽ سندس مڙس سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي آرمي چيف جي جاچ ٽيم جي رپورٽ اڃا تائين نه اچڻ تي ڳڻتي جو پڻ اظهار ڪيو.

سندس چوڻ هو ته مخالفن کي عدالتن ۾ گِهليو پيو وڃي، عاصم سليم باجوا ۽ جهانگير ترين خلاف الزامن تي خاموشي اختيار ڪئي پئي وڃي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ريمارڪس وڏي اهميت ٿا رکن.

پي ڊي ايم جلسن ۾ فوجي قيادت جا نالا کڻڻ جي سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪنهن جو نالو کڻڻ يا نه کڻڻ مسئلو ناهي، اهو مسئلو رڳو ميڊيا پيدا ڪيو آهي، مان فوجي قيادت جو نالو کڻڻ جي حمايت ڪيان ٿو، وزيراعظم ۽ صدر جو نالو کڻي سگهجي ٿو ته ڪنهن اداري جي شخصيت جو ڇو نه؟ اسان جو ايشو نالا کڻڻ نه ملڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻ آهي.

ان کان اڳ فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ راجا پرويز اشرف، شاهد خاقان عباسي، محمود خان اچڪزئي، اختر مينگل، آفتاب شيرپائو، مولانا عبدالغفور حيدري، امير حيدر هوتي، ميان افتخار حسين، شاهه اويس نوراني، ساجد مير، حافظ عبدالڪريم ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻو صدر آصف زرداري به ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ پي ڊي ايم جسلن ۽ اڳتي لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ پي ڊي ايم جي گڏيل موقف تي به مشاورت ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.