ڪورونا وائرس: اسلام آباد جا 5 سب سيڪٽر سيل ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ اسلام آباد جا 5 سب سيڪٽر سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ضلعي انتظاميا ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي، جنهن موجب 5 سب سيڪٽرن کي سڀاڻي صبح 10 وڳي سيل ڪيو ويندو.

نوٽيفڪيشن موجب سب سيڪٽرن ۾ آءِ ايٽ ٿري، فور، جي نائن ون، جي ٽين فور ۽ جي سڪس ٽو شامل آهن.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل ايمرجنسي، مريضن جي منتقلي سميت کاڌي پيتي جون ضروري شيون ۽ دوائون خريد ڪري سگهبيون.

ضلعي انتظاميا شهرين کي حفاظتي اپائن تي عمل جي به هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.