گلگت ۾ حڪومت جي جلسن تي پ پ جو اليڪشن ڪميشن سان رابطو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن جي جلسن تي پ پ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري ورتو.

ان ڏس ۾ پ پ سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ وزير سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪندي گلگت بلتستان وڃي واعدا ڪري رهيا آهن، وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن جا دورا واضح طور ڌانڌلي آهي، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن وزيراعظم کي ڪلين چٽ ڏني آهي ته اهو عمل ڳڻتي جوڳو آهي.

واضح رهي ته گلگت بلتستان ۾ 15 نومبر تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي جماعتون چونڊ مهم هلائي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.