قائداعظم ٽرافي ‏ سنڌ جي ڪپتان سرفراز احمد تي ڏنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جاري قائداعظم ٽرافي جي ٽئين رائونڊ دوران سنڌ جي ڪپتان سرفراز احمد تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري پريس رليز موجب سرفراز احمد قائداعظم ٽرافي ۾ ناردرن خلاف ميچ دوران ضابطن جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪئي.

سنڌ جي ڪپتان امپائر جي فيصلي تي نامناسب رويو اختيار ڪيو، جنهن جي فيلڊ امپائرن رپورٽ ڪئي.

ميچ ريفري محمد انيس غلطي ثابت ٿيڻ تي سرفراز احمد تي ميچ فيس جو 35 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

هڪ ٻي ميچ ۾ سينٽرل پنجاب جي عثمان صلاح الدين تي به گيم جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ميچ فيس جو 20 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.