رينجرز جو شهرين جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي ايپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز سنڌ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي ايپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

رينجرز ترجمان موجب الرٽ ايپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو سيڪيورٽي ۾ جدت کي ڏسندي ڪيو ويو، ايپ متعارف ڪرائڻ جو مقصد شهر ۾ هڪ انٽيليجنس نيٽ ورڪ جوڙڻ آهي ته جيئن مختلف ادارن ۽ عوام ۾ سيڪيورٽي جي احساس کي بهتر بڻائي سگهجي.

ترجمان جو چوڻ هو ته الرٽ ايپ سان رجسٽرڊ اداري کي ايمرجنسي ۾ آگاهي ڏئي سگهبي، مُنڍ ۾ ايپ جي سهولت اسپتالن، بئنڪن، اسڪولن ۽ عوامي هنڌن تي هوندي.

رينجرز ترجمان موجب واهپيدار ايپ ذريعي رينجرز ڪنٽرول رومز ۽ سمورن سيڪٽرن تائين پهچ حاصل ڪري سگهندا، پهچ ٿيندي ئي گشت ڪندڙ ويجهين موبائلن کي ايمرجنسي ڪالز وصول ٿينديون، ائين ٽيمون وقت تي واقعي واري هنڌ پهچي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.