پاڪستان ڄائي ڪينيڊين اداڪار علي ڪاظمي ۽ اداڪارا مهر جعفري جي فلم آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڄائي ڪينيڊين اداڪار علي ڪاظمي ۽ اداڪارا مهر جعفري جي فلم ”فني بواءِ“ کي آسڪر ايوارڊ 2021 لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

ڪينيڊا طرفان اداڪار علي ڪاظمي ۽ اداڪارا مهر جعفري جي فلم ”فني بواءِ“ کي 93هين اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ باقاعدي طور نامزد ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته فلم ”فني بواءِ“ جي هدايتڪاري ڀارتي فلمساز ديپا مهتا ڏني آهي، جيڪا ان کان اڳ ”ارٿ، فائر ۽ واٽر“ جي نالن سان به مشهور فلمون ٺاهي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.