ڪوهاٽ ۾ ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ جي علائقي ڪاغزئي ۾ فائرنگ سان 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

مقامي پوليس موجب اهو واقعو هڪ تقريب دوران ان وقت پيش آيو، جڏهن ٻه گروپ آمهون سامهون اچي ويا.

پوليس ٻڌايو آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا قتل ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فائرنگ جي الزام ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مقتولن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.