وزيراعظم عمران خان جون جو بائيڊن کي صدر چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان آمريڪي چونڊن ۾ ڪاميابي تي نئين صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪماله هيرس کي مبارڪون ڏنيون آهن.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته مان نئين چونڊيل آمريڪي صدر بائيڊن طرفان جمهوريت تي عالمي ڪانفرنس جي انتظار ۾ آهيان ۽ چاهيان ٿو ته ان سان گڏجي غير قانوني ٽيڪس ٺڪاڻن جو خاتمو ڪيان، جتي ڪرپٽ ليڊرن طرفان قومن جو ناڻو منتقل ڪيو ويندو آهي.

عمران خان وڌيڪ لکيو ته مان نئين چونڊيل آمريڪي صدر سان افغان امن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم جاري رکندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.