سکر مسلم اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاران تحفظ ناموس رسالت ريلي

مسلم اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ضلع سکر پاران صوبائي ناظم اطلاعات محمد اعظم طارق ۽ ضلعي صدر عثمان ٿهيم جي اڳواڻي ۾ محمد بن قاسم پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين تحفظ ناموس ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ فرانس حڪومت ۽ فرانسيسي صدر خلاف نعرا هنيا ويا،احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران فرانسيسي صدر جي فوٽو کي باه ڏيئي ساڙيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ناموس رسالت جي حفاظت ڪرڻ ھر مسلمان تي فرض آھي ، هنن چيو ته ناموس رسالت جي حفاظت لاء جانيون به قربان ڪنداسين پر پوئتي نه هٽنداسين ، اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فرانس جي سفارتي عملي کي نيڪالي ڏئي فرانس حڪومت سان لاڳاپا ختم ڪيا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.