سوندره نالي هڪ درويش جي نالي سان سونڊا شهر مشهور ٿيو

سونڊا: سنڌ جي 800 سئو سال اڳ ٺٽي جي تاريخي ۽ قديمي قبرستان سونڊا جي نالي بابت سنڌ جي مشهور تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي تاريخي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ لکيو آهي ته سونڊا ۾ رهندڙ سوندره نالي هڪ درويش صفت شخص جيڪو راڳ تي عاشق هوندو هيو ۽ ان جي نالي سان سونڊا شهر مشهور ٿيو جڏهن ته سنڌ جي مشهور تاريخدان علي ڪوفيءَ جي لکيل چچ نامي موجب راوڙ ۽ جيسر جو جھم ۽ سونڊا وٽ مقابلي ٿيڻ جو پڻ حوالو ڄاڻايو ويو آهي، ٻئي طرف سيد سليمان ندوي جي پڻ لکيل هڪ تاريخي ڪتاب رحمته العالميه ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سيوهڻ جي قديم قبرستان ۾ سونڊن ۽ لاشارين جون قبرون موجود آهن، انهن سوڍا ۽ لاشارين جا راڄ خانگي ناسازي ڪري لڏي درياءَ پار ڪري ٻئي طرف رهن ٿا جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته شايد سوڍا لفظ بدلجي سونڊا هاڻوڪي شهر نالي ۾ تبديل ٿيو هجي.

سونڊا جي قبرستان ۾ اعليٰ قسم جون چٽسالي واريون قبرون موجود

سونڊا: تاريخي اهميت جي حامل قديمي قبرستان سونڊا ۾ موجود قبرن تي اعليٰ قسم جي چٽسالي واريون 8 فوٽن واريون قبرون موجود هجڻ سان گڏ عورتن جي قبرن تي زيور جي نشاني هجڻ هجڻ سان گڏ مردن جي پٿرن وارين قبرن تي نيزا ، تير، ڀالا ، گھوڙن ۽ انهن تي سوار مردن جا نشان پڻ هن وقت موجود آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.