سونڊا جو تاريخي قبرستان بي ڌياني جي ور چڙهيل، هزارين قبرون مسمار

سونڊا (رپورٽ: ارشاد گندرو)  ٺٽي جي قديمي تاريخي ماڳ سونڊا ۾ 54 ايڪڙن جي ايراضي تي هزارين قبرن تي مشتمل تاريخي سونڊا قبرستان آثاره قديمه جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي ڪري زبون حالي جي ور چڙهي ويا آهن، قبرستان ۾ چوديواري نه هجڻ ڪري غير محفوظ بڻجي ويو آهي . ان ڏس ۾ “ عوامي آواز ” جي ورتل جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي تاريخي ماڳ سونڊا ۾ واقع 8 سئو سال اڳ جو چيو ويندڙ قديمي تاريخي قبرستان سونڊا ۾ هزارن جي تعداد ۾ موجود اسلامي دور ۽ ان کان اڳ جون چيون ويندڙ پٿرن جون اعليٰ نموني واريون قبرون آثاره قديمه جي بي ڌياني توڙي عدم دلچسپي ڪري ٽوڙ ڦوڙ جون شڪار بڻجي پنهنجي سونهن وڃائي تنزلي طرف وڌي رهيون آهن 54 ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل تاريخي سونڊا جي قبرستان ۾ پٿرن تي اڪريل قطبن ۽ چٽسالي واريون خوبصورت قبرن جي هجڻ سميت عورتن جي قبرن تي زيورن جي نماءَ ۽ مردن جي قبرن تي تير ، نيزا ، ڀالا ، گھوڙي سواري جي چٽن واريون وڏي تعداد ۾ هن وقت به موجود آهن، سونڊا جي تاريخي ۽ قديمي قبرستان بابت سنڌ جي محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيو ته سونڊا جو تاريخي قبرستان سومرن جي 12 هين عيسوي واري دور کان اڳ جو آهي هن چيو ته سونڊا ۾ دهلي جي حاڪم محمد شاهه تغلق جي ڪيل سنڌ تي حملي دوران جنهن ۾ محمد شاهه تغلق خود به مارجي ويو هيو هڪ ان جنگ ۾ مارجي ويلن جون قبرون آهن ته ٻيو وري لاشارين تي رندن جي ڪيل حملي دوران مري ويل لاشارين جون قبرون آهن هن چيو ته 800 سال کان اڳ واري سونڊا قبرستان ۾ سومرن جي دور وارين قبرن سان گڏ ان کان اڳاٽي دور جون پڻ قبرون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.