نوشهري ۾ ڳوٺاڻن جو پرنسپال خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڳوٺ ڪوڙو خان خشڪ جو رهواسي وحيد علي خشڪ پنهنجي گهرڀاتين احسان علي خشڪ، وحيد، محمد ابراهيم خشڪ سان گڏ پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان دانهيندي چيو ته پرنسپل ارباب علي خشڪ منهنجي ڀائٽي اٺين ڪلاس جي شاگرد محمد ابراهيم تي محبت ديرو ٿاڻي تي ذاتي دشمني جي ڪري نائين سي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري معصوم جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنسپل ارباب علي خشڪ منهنجي ڀائٽي تي ڪوڙو الزام هڻندي چيو هو ته هو سندس ڀاءَ بلاول خڪش جي گهر ۾ ٽپيو آهي.

ان باوجود اسان هر فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار هياسين پر پرنسپل ڏاڍ مڙسي ڏيکاريندي مون کي ۽ منهنجي گهرڀاتين کي گرفتار ڪرايو ۽ پوليس چئن ڏينهن تائين مختلف جڳهن تي لڪائيندي رهي بعد ۾ ايس ايڇ او محبت ديرو غلام حيدر شر اسان جي وارثن کان پئسا وٺي آزاد ڪيو ۽ مخالف ڌر کان پئسا وٺي منهنجي بيگناهه معصوم ڀائٽي تي 13 سئو گرام چرس جو ڪيس داخل ڪري سندس زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پرنسپل ارباب علي، بلاول، حنيف، سجاد خشڪ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن انصاف جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.