رتيديري ۾ استاد بدلين جي آرڊرن سبب پريشان

رتوديرو (ن ع آ ) ٽي اي او پرائمري رتوديرو رتيديري شهر سميت مختلف پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪولن مان بغير جواز ڄاڻائي 27 استادن ۽ استادياڻين کي ڏورانهن علائقن ۾ بدلي ڪرڻ جو پروپوزل ڊي او سيڪنڊري ، پرائمري ۽ ايليمينٽري لاڙڪاڻو کي اماڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڊي او موڪليل اهڙي پروپوزل کي الوڊ ڪري ڇڏيو آهي اهڙي بيواجبي خلاف سينيئر استادن ۽ استادياڻين ۾ سخت بيچيني ۽ پريشاني پکڙجي وئي آهي ان سلسلي ۾ ٽي اي او پرائمري رتوديرو عبدالرشيد چانڊيو سان رابطو ڪيو ويو ته هن پنهنجو موقوف ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

هڏانهن ان حوالي سان تعلقه ايجو ڪيشن آفيسر ايليمينٽري سني ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايليمينٽري اسڪولن مان بدلي ڪرڻ واري پروپوزل جو اختيار مون وٽ آهي نه ڪي ٽي اي او پرائمري وٽ جيڪڏهن ٽي اي او پرائمري ڪو اهڙو پروپوزل ٺاهيو آهي ته ان جي مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي هوڏانهن ڊي اي او لاڙڪاڻو تصديق ڪندي چيو ته اها حقيقت آهي ته ٽي اي او پرائمري رتوديرو استادن توڙي استادياڻين جي بدلي جو پروپوزل اماڻيو آهي ۽ اهو مان منظور ڪري ورتو آهي پر مون کي ان سان گڏ اها به ڄاڻ ملي آهي ته اهڙي پروپوزل ۾ ڪجھ استادن ۽ استادياڻين جا نالا نالا ناانصافي ڪري ڏنا ويا آهن ۽ اهڙن نالن تي سوچ ويچار ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر صدر الدين عمراڻي مقامي صحافين سان ڳالهائنيدي چيو ته نج ذاتي رنجشن ۽ ٽي اي او پرائمري جي خوشامد نه ڪرڻ تي استادن ۽ استادياڻين کي بيگناه نشانو بڻائي ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪيو ويو آهي جنهن تي اسين ڪڏهن به عمل ڪرڻ نه ڏيندا سين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.