ڏوڪري ۾ عورت جو باڊهه ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج

ڏوڪري (ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجي جي رهواسڻ بيواه عورت مسمات راڄ مائي ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي مڙس جي پينشن ۽ ٻيون رهتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان ڏس ۾ مسمات راڄ مائي پنهنجي والد علي بخش ملاح سان گڏ ميڊيا جي نمائندن آڏو دانهيندي ٻڌايو ته سندس مڙس اقبال ملاح باڊھ ٽائون ڪميٽي جو ملازم هو جيڪو هيپاٽائيٽس سبب 2 سال اڳ گذاري ويو آهي پر هيترو عرصو گذري وڃڻ باوجود هن وقت تائين ٽائون انتظاميا مڙس جي پينشن ۽ ٻيون رهتون نه ڏئي سگهي آهي اسان کي بنا جواز رلايو پيو وڃي سکڻا دلاسا ڏنا پيا وڃن اسان تڪ جي چونڊيل نمائندن آڏو به دانهيو آهي پر ڪو داد فرياد نه ٿيو آهي ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر ڪوڙا دلاسا ڏيندا رهيا پر مسئلو حل ڪيو .هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهجو مڙس فوت ٿي ويو آهي  منهجو 10 ورهين جو پٽ به بيماري سبب گذريل هفتي گذاري ويو آهي جڏهن ته منهنجو 8 ورهين جو پٽ سيف علي به ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان معذور آهي گونگو آهي مان پاڻ به بيمار آهيان گهر ۾ ڦاڪا ڪشي جو عالم آهي گهر ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هن انصاف جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.