ٿر جي باشعور نوجوانن ڪارونجهر جي صفائي شروع ڪري ڇڏي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرپارڪر جي باشعور نوجوانن سنڌ جي اهم ۽ مشهور سياحتي ماڳ ڪارونجهر جبل اندر ”ڪلين صاف ڪارونجهر“مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي،نوجوانن پاران ڪارونجهر جبل جي خوبصورت پٿرن تي سياحن پاران ڪيل چاڪنگ ۽ مختلف لکيل نالا ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي،جن کي ڊاهي صاف ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،اُنهي سلسلي ۾ شاعرن،اديبن،سماجي ورڪرن خليل ڪنڀر،ذوالفقار کوسو،امام علي جنجهي،ڏيوجي مل،ايڊوڪيٽ مصطفىٰ هنگورجو،مڪيش راجا،دليپ پرما،رميش ڪارونجهري ۽ ٻين چيو آهي ته ڪارونجهر جبل رڳو جبل نه سنڌ جي سونهن آهي،جڏهن هتان جا ماڻهو ڪارونجهر جبل تي چاڪنگ برداشت نہ ٿا ڪن تہ اُهي ڪارونجهر کي ڪٽڻ ڪئين ٿا برداشت ڪري سگهن.،هنن چيو تہ وسڪاري ۾ گهمڻ ايندڙ سياحن ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ وال چاڪنگ ڪئي،جيڪي ڪارونجهر جي سونهن کي خراب لڳي پئي،اسان اُهو ڊاهي صفائي جو عمل شروع ڪيو آهي،اسين گهمڻ ايندڙ سياحن کي اپيل ڪنداسين تہ ڪارونجهر پنهنجو تاريخي ورثو آهي،جنهن تي ڪابہ وال چاڪنگ نہ ڪئي وڃي،سنڌ حڪومت کي گهرجي تہ ڪارونجهر ۽ قديمي ماڳن تي سهوليتون فراهم ڪري تہ جئين ايندڙ سياحن کي ڪا تڪليف پيش نہ اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.