مٺي ۾شادي جي چوٿين ڏينهن ناري جو قتل، جوابدار کي موت جي سزا

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي جي عدالت 8 مهينا اڳ ننگرپارڪر ۾ شادي جي چوٿين ڏينهن بي دردي سان قتل ٿيل نوجوان ناري جنون ڪولهي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار پرتاب ڪولهي کي 2 ڀيرا موت جي سزا ۽ هڪ لک ڏنڊ جو فيصلو ڏنو آھي، ننگرپارڪر ۾ 2 مارچ 2020ع  تي شادي کان چوٿين ڏينهن نوجوان ڪنوار جنون ڌيءُ بابو ڪولهي کي جوابدار پرتاب ولد نيلو ڪولهي ڇرا هڻي بي دردي سان قتل ڪيو هو، جنهن جو قتل ڪيس گناه نمبر 2020/19ع تحت ننگرپارڪر ٿاڻي تي ناريءُ جي پيءُ بابو ڪولهي پاران جوابدار پرتاب ڪولهي مٿان داخل ڪرايو ويو هو،ڄاڻايل ڪيس مٺي جي ايڊيشنل سيشن جج نصير نور خان جي عدالت ۾ هلندڙ هو،عدالت ڪيس ۾ قتل ۽ ناري سان لڄالٽ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي قتل ۾ هڪ دفعو ۽ لڄالٽ ۾ ٻيو دفعو ڦاسي جي سزا جو فيصلو ڏنو آھي ۽ جوابدار مٿان هڪ لک روپيہ ڏنڊ پڻ وڌو آھي،اهڙي فيصلي بعد جوابدار کي مٺي سب جيل کان حيدرآباد سينٽر جيل منتقل ڪيو ويو آھي،فريادي ڌر جي ڪيس جي پيروي نامياري قانوندان جاويد اختر بجير ڪئي،واضع رهي تہ جوابدار ناري جي شادي جي چوٿين ڏينهن ڇرا هڻي بي دردي سان قتل ڪيو هو ان وقت ناري نئين ڪنوار هئي ۽ سندس هٿن تان مهندي پڻ نہ لٿي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.