سڳيون ۾ سرڪاري ملڪيت تي قبضا، انتظاميا گم

سڳيون (ن ع آ) سڳيون ۾ انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب سرڪاري پراپرٽين تي قبضا مافيا جا قبضا برقرار آهن، جتي شھر اندر موجود 2 ريسٽ ھائوس، سرڪاري ڍڪ واري جڳهھ، ويم گهر جي عمارت، کرل شاخ جو ڪنارو، سدا واھه جي بند ۽ شھر جي باءِ پاس سميت ڀرپاسي جي سرڪاري ايراضين تي قبضا مافيا مڪمل قابض بڻيل آهي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ جيئي سنڌ پورھيت سنگت جي ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ عاشق چنو، ڪامريڊ غلام قادر چنو، شھمير چنو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته شھر اندر موجود سرڪاري پراپرٽين تي قبضا مافيا بنا خوف جي سرگرم لڳي پئي آهي. جڏهن ته ڪيترين سرڪاري پراپرٽين ۾ گھر ۽ دڪان قائم ٿي ويا آهن. ھنن ڊي سي خيرپور، ڪمشنر سکر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي اپيل ڪندي چيو قبضا مافيا خلاف نوٽيس وٺي قانوني ڪارروائي ڪري فورن قبضا ختم ڪرائي علائقي واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.