گهوڙاٻاري ۾منشيات پوليس لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻيل

گھوڙاٻاري(ن ع آ )ور شهر پوليس غير قانوني ڌنڌن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي جوا ۽ منشيات جي واھپي جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي، جنھن سبب ور شهر جي سمورن شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن درگاھ سخي جميل شاھ ڏاتار، درگاھ جان علي شاھ بخاري،  ۽ٻين ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۽ شهر جي مين چوڪن ۽ پاڙن ۾ جوا جا اڏا ۽ڪچي شراب جون بٺيون پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيون آهن جتان اسڪولي شاگردبه ڪچو شراب خريدڪري واپرائين ٿاجنهن سبب شاگردن جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي. ان کان علاوه ديسي شراب ٺري جو وڪرو عام ٿي ويو آهي. ۽ جوا جا اڏا پڻ شھر جي مختلف علائقن ۾ سرعام بنان ڪنھن ڊپ ڊاءُ جي ھلي رھيا آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.