ڳاڙهو ۾ عوامي تحريڪ جي باني اڳواڻ الله بخش لاشاري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

ڳاڙهو ( ن ع آ ) عوامي تحريڪ جي باني اڳواڻ ايم آر ڊي جي اسير ڪامريڊ مرحوم الله بخش لاشاري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو عوامي تحريڪ ضلعو ٺٽو پاران سندس اباڻي شهر ڳاڙهو ۾ ملهايو ويو.جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، مرڪزي خزانچي مٺاخان لاشاري شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي مرڪزي سينئر نائب صدر ڏاڏا قادر رانٽو خطاب ڪندي چيو ته ماڻهو شخصيتن کي ڏسي پارٽين ۾ شامل ٿيندا، پنهنجن ذاتي معمولي مفادن کي ترجيع ڏيندا آهن. پر ڪامريڊ الهبخش عوامي تحريڪ جي علم، شعور ۽ فڪر کي سمجهو ۽ سنڌ جي نجات عوامي تحريڪ جي نظريي ۾ ڏٺي، اهو ئي سبب آهي جو ڪامريڊ مرڻ گهڙي تائين فڪر پليجو جي واٽ تي هلندي جدوجهد جي ميدان ۾ هميشه اڳئين صفن ۾ رهيو.

صحافت حق ۽ سچ جو نالو آهي: ايم پي اي برهان خان چانڊيو

وارھ (ن ع آ ) صحافت حق ۽ سچ جو نالو آھي دنيا اندر سول وار ۾ صحافين پنهنجو ڪردار نڀايو ، اسانجي سنڌ ۾ بيشمار اهڙا صحافي آھن جن تي سختيون ڪيون ويون پر هو ڪنهن ظام آڏو نه جهڪيا اهڙو اظهار پ پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊو وارھ پريس ڪلب جي نئين باڊي کي مبارڪون ڏيندي ڪيو ساڻس گڏ اڳوڻي چيئرمين رياض دين ابڙو ، هيرو سومرو، بابو خدابخش ۽ ٻيا سوين ڪارڪن گڏ ھئا.

خورشيد شاهه جي ڀائٽي ۽ وحيد شاهه جي ڌيءُ لاڏاڻو ڪري وئي

سکر(رپورٽر) نيب هٿان گرفتار پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جي ڀائٽي ۽ سيد وحيد حسين شاهه جي نياڻي رضا الاهي سبب وفات ڪري وئي آهي، ڀائٽي جي فوتي رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سيد خورشيد احمد شاهه جي پيرول ذريعي آزادي لاءِ سنڌ حڪومت پاران لک پڙهه جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي،امڪان آهن ته سيد خورشيد احمد شاهه کي سندس ڀائٽي جي وفات تي پيرول تي آزاد ڪري کين فوتي رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، آخري اطلاع تائين خورشيد احمد شاهه پيرول تي آزاد نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته فوتي نياڻي جي تدفين کي سيد خورشيد احمد شاهه جي آزاد ٿيڻ تائين ڪجھ وقت انتظار ڪيو پيو وڃي.

ڀٽ شاهه ۾ ڪاليج ايجوڪيشن نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سالگرهه تقريب

ڀٽ شاهه (ن ع آ) ڀٽ شاهه ۾ آل سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن نان ٽيچنگ وويلفيئر ايسوسيئيشن جي ٻي سالگره ملهائي وئي گورنمينٽ  بوائز ڊگري ڪاليج ڀٽ شاه يونٽ طرفان ضلعي صدر غلام محمد چنڊ جي سربراهي ۾ سالگره جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پرنسيپل پروفيسر سڄڻ عباس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پروفيسر محمد موسا وساڻ  عرفان علي  نويد شيخ  ولي محمد ارباب جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪٽيو ويو. ۽ تنظيم جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي وئي تقريب ۾ ڪاليج انتظاميا سميت آل سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن نان ٽيچنگ وويلفيئر ايسوسيئيشن جي عهديدارن ميمبرن سميت ايڊووڪيٽ اختيار علي وساڻ  صحافي امير علي بليدي  حيدربخش وساڻ فيروزگل ٿهيم ۽ ٻين بـ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تـ آل سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن نان ٽيچنگ وويلفيئر ايسوسيئيشن جي ٻي سالگره آهي تنظيم ڪاميابي سان پنهنجو سفر جاري رکيو آهي ۽ انشاءَ الله دعا آهي تـ آئنده بـ تنظيم جي سفر جو سلسلو ڪاميابي سان جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.