عالمي منڊي جي واپارين جون نظرون ٻيٽن ۽ بندرگاهن تي آهن: جي اين کوسو

پڪاچانگ (ن ع آ) نامياري قانوندان لييکڪ ۽ عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر جي اين کوسو فيضگنج جي مختلف شھرن اڪري، ڪوٽ لعلو، ڀنگو، پڪاچانگ ۾ الڳ الڳ پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. عوامي پورھيت تحريڪ جي اڳواڻ فيضگنج پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ھن وقت سنڌ انتھائي مشڪل دور مان گذري رھي آھي، سنڌ جي مالي وسيلن جي ڦر لٽ ۽ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ ۾ ڌارين سان گڏ پنھنجا به ٻٽ بڻيل آھن جنھن جي خلاف سنڌ جي شعور کي گڏيل طاقت جو مظاھرو ڪرڻ جي ضرورت آھي. پڪاچانگ ڀرسان ليڪچر پروگرام ۾ ڳالھائيندي جي اين کوسو چيو ته عالمي منڊي جي واپارين جو نظرون ھن وقت سنڌ جي ٻيٽن ۽ بندرگاھن تي آھن،چين ۽ آمريڪا سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي خريد ڪري چڪيون آھن. ان موقعي تي زاھد ٻٻر علي اياز ڪامريڊ شرجيل شر ۽ ٻين به ليڪچر ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.