ڇاڇري لڳ پڦي ۽ ڀائٽي پاران کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات

ڇاڇرو( ن ع آ ) ڇاڇرو ويجهو ٻن عورتن کوه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ڳوٺ ڪمڙهار ۾ 50 ورهين جي شريعت زال روشن پلي ۽ سندس  ڀائيٽي 14 سالن جي رضيه ڌي طالب  گڏيل طور کوه ۾ ٽپو ڏيئي زندگي جو انت آندو، شريعت کي دماغي بيماري هئي هن کوه ۾ ٽپو ڏنو ڀائيٽي پُڦي کي بچائيندي کوه ۾ ڪري آهي وارث بر موجب:ڇاڇرو ويجهو ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ ڪمڙهار پلي  ٻن عورتن   50 ورهين جي   شريعت زال روشن پلي ۽ سندس ڀائٽي 14 سالن جي رضيا ڌي محمد طالب پلي  گڏجي  مبينا طور پنهنجي گهرن  ويجهو کوھ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. ڳوٺاڻن جي اطلاعن تي کينسر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي عورتن جا  لاش کوھ مان ٻاهر ڪڍرائي رات دير سان کينسر اسپتال آندا ويا . جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا، جڏهن تي حد جي ٿاڻي  کينسر جي پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تي شروعاتي جانچ ۾ وارثن ٻڌايو آهي  ته عورت شريعت جو ذهني توازن درست نه هو عمرڪوٽ جي هڪ ڊاڪٽر وٽ علاج به هلندڙ هو، ۽ هن بيماري کان تنگ ٿي کوه ۾ ٽپو ڏنو ۽ ان پويان ايندڙ  ڀائٽي هن کي بچائڻ جي ڪوشس ڪئي ته هو به کوه ۾ ڪري پئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.