سکر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، گهر پٽ، صحافي تي تشدد، احتجاج

سکر(رپورٽ:اظهرعلي دايو) اسسٽنٽ ڪمشنر سکر پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري پراڻو سکر ۾ سنڌرو ٻڌي لھي پيو حددخليون   ڄاڻائي ٺھيل اڏاوتون ڳري مشينري ذريعي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون اي ڊي سي من پسند ماڻھن جون جاين جا اڌ حصا بچائڻ جا جتن ڪرڻ تي شھرين دانھون ڪيون جنھن تي محافظن پوليس اھلڪارن ھٿيار تاڻي ورتا ايف ايم 88 سکر جي رپورٽرصحافي محمداعظم مھر مٿان  سخت تشدد ڪيو شھرين جي مزاحمت تي آزاد ڪيو شھرين ۽ جي يو آء جي  اڳواڻن نمائش گرائونڊ چوڪ تي اي ڊي سي سکر ۽ بدمست پوليس اھلڪارن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيوسخت نعري بازي ڪئي .  :تفصيل موجب ضلعي انتظاميا سکر اسسٽنٽ   ڪمشنر سکر جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار سٽي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو عملو ۽ ڀاري پوليس نفري ساڻ ڪري پراڻي سکر جي نمائش گرائونڊ پوليس چوڪي وٽ پھچي ڳري مشينري سان گھر ۽ دڪانن واريون اڏاوتن ڊاھڻ شروع ڪيون پسند ماڻھن جي جاين تي ٽڪن جا نشان ڪجھ حصن تي نه ھڻڻ ۽ ڪنڊ ۾ ڳالھائڻ رعايت ڏيڻ واري سس پس تي متاثرن جو گوڙ ٿيڻ تي صحافي  محمد اعظم مھر ڪوريج ڪرڻ شروع ڪئي ته بد مست نشي ۾ ڌٿ ڏينھن ڏٺي جو اي  ڊي سي سکر جا محافظ تشدد تي لھي آيا  ۽ ڌمڪيون ڏيندا رھيا احتجاج ڪندڙن سنڌحڪومت ۽ ڊي آء جي سکرايس ايس پي سکر کان مطالبوڪيوته بدمست اھلڪارخلاف قانوني ڪاروائي ڪئي نه ته اسان احتجاج ڪرڻ تي مجبورٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.