خيرپور ۾ آبادگارن جو ڪڻڪ جي غيرمعياري ٻج وڪري خلاف احتجاج

خيرپور (ڊ ر)خيرپور جي زرعي مارڪيٽ پنجهٽي جي دوڪاندارن سستي اگهه تي پنجاب کان گهرايل مختلف ڪڻڪ جي جنسن جا ٻج ڌما ۽ برساتي ڀڳل جيڪي پوکڻ سان ئي ڦٽن نه  ٿا جنهن عمل خلاف آبادگارن پنجهٽي تي دوڪاندارن جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي  امير بخش ڪٽوهر، وڏيرو محرم خان هاليپوٽو، ايڊوڪيٽ مرزا ڪٽوهر ، استاد حبيب الله لاکو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن صحافين کي ٻڌايو ته زرعي مارڪيٽ پنجهٽي تي جنسون جي واپارين پنجاب کان مختلف ڪڻڪن جا ٻج گهريا آهن  جنهن ۾ ٽي ڊي ون، عبدالستار، سرسبز،بخر، ڪونج، ۽ ٻيا ٻج پڻ پنجاب کان گهرايا آهن جيڪي ڌما برسات ۾ ڀڳل آهن جن کي واش ڪري پنهنجي دواڪنن جي اڳيان رکيا آهن جتان آبادگار خريد ڪري ٻج پوکين ٿا پر ٻج ناڪارا هجڻ جي ڪري نه ٿا ڦٽن ۽ آبادگارن جا لکين روپيه پڻ ضايه ٿين ٿا هنن چيو ته زرعي ماهر دوڪاندارن سان ٻڌل آهن ۽ زرعي کاتي جا عملدار دوڪاندارن کان  پڻ منٿلي وٺڻ ٿا ۽ ڪو به ٻج چيڪ نه ٿا ڪن هنن ڊپٽي ڪمنشنر خيرپور کان گهر ڪئي ته جنس جي واپارين کي پابند ڪيو وڃي ته هو پائدار صاف ۽ وڌيڪ پيدا ڏيندڙ ڪڻڪ جو ٻج آبادگارن کي ڏين نه ته ٻئي صورت ۾ اسان آبادگار دوڪاندارن خلاف ڌرڻو هڻنداسين  ۽ پڻ عدالت ۾ وينداسين جنهن جي ذميواري ضلعي انتظاميا تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.