حيدرآباد انتظاميا اٽي جو اگهه مقرر ڪرائڻ ۾ناڪام، 70 رپيا ڪلو وڪرو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ضلعي انتظاميا اٽي جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، اٽو 65 کان 70 روپيا في ڪلو وڪرو جاري، غريب ماڻهن جي کيسن مان 6 مهينن دوران ڪروڙين رپيا نڪري ويا،  حيدرآباد واسين پاران سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گذريل 6 مهينن کان اٽي جو اگهه گهٽ نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت اٽي جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرائڻ ۾ تاحال ناڪام نظر اچي رهيا آهن، وفاقي حڪومت پاران اٽي جي بحران تي ضابطي لاءِ ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون ويون پر وفاقي حڪومت سرڪاري طور تي اٽي جو اگهه مقرر ڪري وڪرو نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت به اٽي جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرائڻ باوجود اٽي جو سرڪاري اگهه تي وڪرو يقيني بڻائي نه سگهي آهي، جنهن سبب حيدرآباد شهر ۾ اٽي جو في ڪلو 41 روپيا 83 پيسا ڪلو وڪرو ٿيڻ بدران 65 روپين کان 70 ڪلو وڪرو جاري آهي. سنڌ حڪومت پاران عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ سستي اٽي جا اسٽال لڳائي ماڻهن کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا به ناڪام ٿي وئي آهي. هڪ ڪلو کان ٻه ڪلو اٽو خريد ڪندڙ پورهيت 340 روپيا 5 ڪلو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا مهانگو اٽو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون غير اعلانيا وقت تائين بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري اٽي چڪي مالڪ توڙي فلور مل مالڪ مهانگو اٽو سرعام وڪرو ڪري رهيا آهن، وفاقي ۽ سنڌ سرڪار پاران اٽي جي اگهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي سبب گذريل 6 مهينن دوران سنڌ جي غريب عوام جي کيسن مان سرمائيدار طبقو ڪروڙين روپيا ڪڍي چڪو آهي. حيدرآباد جي شهرين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ اٽي جي مد ۾ غريب عوام جي کيسن مان ڪڍيل ڪروڙين روپيا واپس ڪرائي اٽي جي اگهه تي ضابطو آندو وڃي.17

سجاول ۾ واپارين ڊي سي جي  اگهوتري ٿڏي ڇڏي

سجاول ( ڊ ر ) سجاول ضلعي ۾ روزمره جي شين ۾ اضافي بعد  ڊي سي سجاول پاران واپارين سان ڪيل گڏجاڻي عوام کي ڪو به فائدو نه ڏئي سگهي آهي، انهي سلسلي ۾ ڊي سي سجاول  اجلاس ۾ بيورو سپلائي ۽ ٻين آفيسرن کي اگهن جي لسٽ تي مڪمل عمل ڪرائڻ لا حڪم ڏنو ويو هو پر انتظاميه  واپارين کان هار مڃيندي مارڪيٽ ڪاميٽي ذريعي صرف سبزي, فروٽ جي لسٽ جاري ڪيون ويون آهن جنهن ۾ من پسند اگهه لڳايا ويا آهن بيورو آف سپلائي جون لسٽون جاري نه ڪيون جنهن ۾ ڪريانه ۽ ٻين روزمره شين جا اگهه شامل هوندا آهن واپارين سرڪاري اگهه تي اٽو, تيل, داليون مختلف قسمن جي مصالن ڏيڻ کان انڪار ڪندي پنهنجا من پسند اگهه وصول ڪري رهيا آهن جنهن سبب نوان ريٽ ظاهر نٿاڪيا وڃن ٻئي طرف ضلعي انتظاميه پاران اگهه چيڪ ڪرڻ لا مقرر اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن هن وقت تائين هٿرادو اگھ مقرر ڪندڙ واپارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي.

خيرپور ۾ پ پ ش ڀ طرفان مهانگائي خلاف ريلي

خيرپور(رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو تعلقي خيرپور جي طرفان ڪورٽ روڊ کان خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،  جنهن جي اڳواڻي تعلقي خيرپور صدر فضل شيخ، تعلقه جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ اشفاق سرڪي، مشتاق سرڪي، قمر زمان، وڏيرو حبدار خاصخيلي، هاشم جمالي، فواد هداد، ارشاد مڱريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪڻڪ گدامن ۾ خراب ٿي رهي آهي پر سنڌ حڪومت سستي اگهه ۾ غريبن کي ڪڻڪ فرام نه پئي ڪري سنڌ جي وڏي وزير سميت حڪومت جي اعليٰ اڳواڻن ڪيترائي ڀيرا اعلان ۽ خاطريون ڪرايون آهن ته اٽي جو اگهه في ڪلو 40 ۽ 41 روپيا مقرر ڪيو وڃي پر انهيءِ جي باوجود سموري سنڌ ۾ اٽو 70 رپيا کان به وڌيڪ وڪرو ڪيو پيو وڃي. . سنڌ واسي ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن ڪورونا وائرس سبب لکين مزدور فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن. هنن چيف جسٽس ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ترت گدام آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري سستي اگهه ۾ اٽو فراهم ڪيو وڃي.

ڏاجهيرو موري ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل، خلق پريشان

ڏاجهيروموري (ن ع آ) ڏاجھيرو ۾ مھانگائي چوٽ چڙيل، غريب مزدور ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان، کاڌي پيتي جو سامان مهانگو  ٿيڻ ڪري عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي، جڏھن ته اٽو اڻلڀ ٿي ويو، کنڊ 110 روپيه ڪلو ۽ اٽو 2800 روپيه مڻ وڪرو ٿيڻ ڪري مزدور طبقي سان تعلق رکندڙ ڳوٺاڻن مين چوڪ ڏاجهيرو تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي بابر قائمخاني، جمن چانڊيو، حاجي سومار کوسو، غلام مصطفيٰ ۽ رسول بخش جو چوڻ هو ته مھانگائي عام ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، حڪومت کي گھرجي ته سستي اٽي جو اسٽال ڏاجھيرو موري ۾ لڳائي ته جيئن غريب ماڻهن کي فائدو ٿي سگھي.

پ پ حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو: راضي جتوئي

مورو (ن ع آ) نيشنل پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ جي ڊي اي جي رهنما مير راضي خان جتوئي ڪنڊيارو ۽ ڀريا جي شهرن ڳوٺن ۽ علائقن جو طوفاني دورو ڪيو ۽   مختلف برادرين جي فوت ٿي ويلن جي  پوئينرن سان عذرخواهيون ڪيون ۽ انهن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو بعد ۾ مختلف برادرين جي اڳواڻن  رفيق احمد گهانگهرو  عمران  خان لاکو   الاهي بخش منڱريو ظفر علي راڄپر غلام نبي لاکو ۽ ٻين جي طرفان ڏنل آجياڻين ۾ شرڪت ڪئي جتي مير راضي خان جتوئي خطاب ڪندي چيو ته موجوده سنڌ حڪومت عوام کي مهانگائي بيروزگاري بد امني   رشوت ۽ ڪرپشن کان سواء ڪجهه به ناهي ڏنو  انهن حڪمرانن کان چنڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر  آهي هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو انهن جي چالاڪين  کان واقف ٿي چڪو آهي هن چيو ته مخالف چون ٿا ته جتوئي گروپ سياست کان ڪناره ڪش ٿي چڪا آهن پر اها انهن جي ڀل آهي ڪوڙ ڌوڪيبازي واري سياست ۽ اوهان جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي عوام انهن سان اهڙو حشر ڪندي جو هو ڳوليا به ڪون لڀندا.

ڪلوئي ۾مهانگائي وڌي وئي، غريب طبقو پريشان

ڪلوئي ( رپورٽ : نواز لنڊ )ڪلوئي عام واهپي جي شين جو اگھ چوٽ چڙهي ويا غريب طبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن سنڌ حڪومت پاران ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ اٽو سستو ڪرڻ  جو اعلان ڪيو اھو اعلان رھيو انتظاميه پاران ڪوبه عمل نه ڪرايو ويو آهي، روز جي بنياد تي ٽي سؤ کان چار سؤ روپيه تاريخ ڪمايو ٿا اٽو سميت عام واهپي جي شين جو اگھ چوٽ چڙهي ويا آهن ٻن ويلن جي ماني وڏي مشڪل سان ملندي آهي پورھيت تعلقي ڪلوئي شهر توڙي ننڍن وڏن اسٽاپن تي اٽو سميت عام واهپي جي شين جو اگھ چوٽ چڙهي ويا آهن غريب طبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن اٽو 70 کان 75 روپيه ڪلو کنڊ ڪلو 100  روپيه ايري چانور 80 روپيه ڪلو آئل140 روپيه ليٽر آلو 50 روپيه ڪلو بصر 70 روپيه ڪلو ٽماٽر 250سو روپيه ڪلو غريب طبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن ان ڏس ۾ پورھيتن خادم حسين حاڪم  نورحسن نظير  پوڙھو ۽ ٻين ڌانھندي چيو آهي گذريل سال کان ھن سال ۾ ريڪارڊ ٽوڙ مهانگائي ٿي آهي ٻن ويلن جيتري ماني وڏي مشڪل سان ملندي آهي انهن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن جيئن ته اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ کان بچي سگھن ٻن ويلن جيتري ماني ملي سگھي.

بهارو ۽ ڀرپاسي مهانگائي جي شڪايتن تي دڪانن تي ڇاپا

بهارو(رپورٽ: جاويد پنهور)بهاري ۽ ڀرپاسي عام واهپي جي شين جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ مهانگائي جي عوامي شڪايتن تي مختيارڪار گمبٽ صلاح الدين گهمرو، بهارو شهر پهچي ڪريانه، مڇي، فروٽ  ۽ سبزين جي دڪانن تي اوچتو ڇاپا هڻي اگهه معلوم ڪيا ۽  واڌو اگهه وٺندڙن دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪيو ويو. ان موقعي تي مختيارڪار گمبٽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي شڪايتن تي بهارو پهتو آهيان واڌو اگهه وٺندڙن تي ڏنڊ هنيو آهي، دڪاندارنن کي تنبيهه به ڪئي آهي ته جيڪو به واپاري توڙي دڪاندار وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.