ميان صاحب لڳ پوليس چڙهائي، 40 ڍورڍڪ حوالي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ، همايون ، سلطان ڪوٽ ، جهان واھ ۽ لوڊرا ٿاڻن جي  پوليس ميان صاحب ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ 6 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ محمد رمضان ڪلر ۾ ڪلر برادري جي ٻن ڳوٺاڻن رتو ڪلر ۽ اصغر ڪلر جي قاتلن جي گرفتاري لاء  چڙهايون ڪيون جتي پوليس کي ڏسندي ڪلر برادري جا ماڻهو گهرن مان نڪري ويا جنهن بعد پوليس گهرن مان سرچ ڪرڻ بعد ڪلر برادري جي گهرن مان قتل ڪيس جا جوابدار هٿ نہ اچڻ تي اٽڪل 40 ڍور ڪاهي وئي پوليس موجب قتل ڪيس جي روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاء ريڊ ڪئي پر ڪو بہ جوابدار ھٿ اچي سگهيو آهي .

راڻيپور ۾ دوستي نه رکڻ تان نوجوان مٿان چاقن سان حملو، زخمي

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور جي ڳوٺ گڏيجي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾  سومرن جا ٻه نوجوان غلام رضا سندس ڀاءُ غلام مهدي زخمي ٿي پيا، سندن والد منظور حسين سومرو پاران راڻيپور ٿاڻي تي راڄپر برادري جي جاويد احمد، وسيم احمد، نعيم احمد، وقار احمد ۽ 5اڻسڃاتل سميت 9جوابدارن مٿان جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي پنهنجي فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار نعيم منهنجي پٽ غلام مهدي کي فون تي ڳالهائڻ ۽ دوستي رکڻ لاءِ زور ڀريندو هيو جنهن جي انڪار تي ڄاڻايل جوابدارن زبردستي بيگناهه اسان مٿان حملو ڪيو ۽  چاقن جا وار ڪري منهنجي ٻن پٽن کي زخمي ڪيو . ۽ فرار ٿي ويا جن کي علاج لاءِ راڻيپور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. پوليس موجب آخري اطلاعن تائين ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.