رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي وگهي وڌيڪ هڪ ٻار فوت

رتوديرو (ن ع آ )  رتيديري ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ايڇ آءِ وي جو مرض اڃان تائين جاري آهي جڏهن ته مرض هڪ معصوم  نينگر جي حياتي ڳڙڪائي ويو آهي ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته رتيديري شھر جي ڳتيل آبادي واري علائقي نادر شاھ محلي جي سم نالي ڀرسان آباد گھرن جي رھواسي محمد ابراھيم مارفاڻي جو 4 سالن جو معصوم پٽ غلام الله مارفاڻي ايڇ آءِ وي مرض وگھي فوت ٿي ويو آھي . فوتي نينگر جي والد محمد ابراھيم ۽ وارثن جو چوڻ آھي ته سندس جي پٽ کي ڏيڍ سال اڳ ايڇ آءِ وي بيماري ظاھر ٿي مقامي ڊاڪٽرن شيخ زيد لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي ٽريٽمنٽ سينٽر موڪليو جتي ڪجه ڏينھن رھائڻ بعد وري اسان کي ڪراچي موڪليو ويو اتان واپس لاڙڪاڻي موڪليو لاڙڪاڻي وارن ڌڪا ڏئي اسان کي رتيديري ايڇ آءِ وي ٽريٽمنٽ سينٽر تي موڪليو جتي وري ڊاڪٽرن صرف نالا لکيا باقي ڪجهه سيرپ بخار جا ڏنا ۽ دڙڪا ڏئي ڊاڪٽرن روانو ڪيو . . آخر ان ۾ اسان جو ڪھڙو ڏوھ جو اسان جي ننڍڙي کي ايڇ آءِ وي بيماري لڳي وئي اسپتالن ۾ رڳو ڌڪا ۽ دڙڪا مليا علاج نه مليو نيٺ اسان جو نينگر فوت ٿي ويو . سرڪار جون سموريون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون جيڪڏھن ايڇ آءِ وي جي علاج لاءِ سينٽر کوليا ويا آھن ته ھي ٻار ڇو مري رھيا آھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.