روهڙي لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

سکر(رپورٽر) روهڙي لڳ ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر، موٽر سائيڪل سوار نوجوان وليد ڪورائي چيپاٽجي فوت، ٽرالر ڊرائيور فرار،  لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، خبرموجب:  سکر جي پٽڻي ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي پٽڻي پوليس چوڪي ڀرسان تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوار کي چيڀاٽي فرار ٿي ويو آهي، ٽرالر جي ٽڪر سبب نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪارن پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي آندو، جتي لاش جي سڃاڻپ وليد پٽ غلام شبير ڪورائي جي نالي سان ٿي آهي. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.