جيڪب آباد لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا فوت

جيڪب آباد(رپورٽ:سڪندر علي سرڪي)جيڪب آباد ويجهو ڪار جو موٽر سائيڪل کي زودار ٽڪر. موٽر سائيڪل تي سوار ٻه فوت ٻه زخمي ٿي پيا آهن جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد باء پاس پڪٽ نمبر چار  واٽر پارڪ لڳ هڪ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ هڪ ئي موٽر سائيڪل تي سوار چئن ڄڻن مان ڳوٺ مير محمد پنهور جا رهواسي پاڻ ۾ ويجها عزيز 60ورهين جو بخت الله پنهور 35ورهين جو فريد الله پنهور موقعي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 23ورهين جو آغا پنهور ۽ 28 جو رضوان پنهور سخت زخمي ٿي پيا.  راهگيرن فوري طور تي زخمين ۽ فوتين جا لاش سول اسپتال پهچايا جتي فوتين جا وارث به پهچي ويا جڏهن ته فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارث حوالي ڪيا ويا زخمين جو علاج جاري هو هوڏانهن ڪار سوار موقعي ڪار ڪاهي فرار ٿي ويو آخري اطلاعن تائين ڪارسوار هٿ نه اچي سگهيو هو نه ڪيس داخل ٿيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.