سکر ۾ ڪورونا وگهي هڪ مريض فوت

سکر(رپورٽر) سول اسپتال سکر ۾ ڪرونا وائرس جو مريض فوت،جڏهن ته سکر سول اسپتال جي آئيسيوليشن وارڊ ۾ داخل 4 مريضن جي پڻ حالت ڳڻتي جوڳي، سول اسپتال جي ايم ايس پاران سول اسپتال جي 8  ڊاڪٽر سميت پيراميڊيڪل اسٽاف کي به ڪرونا هجڻ جو انڪشاف. خبر موجب: سول اسپتال سکر ۾  آندل ڪرونا وائرس جو مريض روهڙي واسي غلام مصطفيٰ شيخ ڪرونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته سول اسپتال جي آئيسيوليشن وارڊ ۾ داخل چئن مريضن جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ سول اسپتال سکر جي ايم ايس ڊاڪٽر تسليم خميساڻي جو چوڻ آهي ته ڪرونا وائرس سبب فوت ٿيندڙ مريض کي اڄ علاج لاءِ اسپتال آندو ويو جنهن جو ٽيسٽ ڪرڻ تي خبر پئي ته ان کي ڪرونا وائرس آهي،  جڏهن ته سول اسپتال جي 8 ڊاڪٽرن سميت پيراميڊيڪل اسٽاف جو به ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي جن کي پڻ آئيسيوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.