لاڙڪاڻي لڳ ڪتن وڌيڪ 10 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، ٻن ٻارن ۽ هڪ پيرسن عورت سميت  10 ڄڻن کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 10 سالن جي نينگري سوهن ڌيءَ محمد اسلم، 10 سالن جو زيب پٽ برڪت علي، 16 سالن جو بابر پٽ موريل، 21 سالن جو قادر بخش پٽ غلام سرور، 27 سالن جو عبدالواحد پٽ قاسم،30 سالن جو حبيب الله پٽ غلام نبي، 45 سالن جي اميران زال رسول ڏنو، 45 سالن جو عبدالغني پٽ غلام سرور،50 سالن جي حنا زال امداد ۽ 55 سالن جو ديدار پٽ علي اصغر شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌر زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر آندو جتي کين ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. –

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.