مانجهند ڀرسان حادثا، جي يو آءِ اڳواڻ سميت 8 ڄڻا زخمي

مانجهند (ن ع آ) مانجهند ڀرسان لاکا انڊس هاءِ وي تي ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ جي يو آءِ ضلعي ڄامشورو جو  اڳواڻ مولوي محمد قاسم بروهي ڊرائيور محمد صفر بروهي حافظ جميل احمد حافظ  سليمان شاهنواز ۽ ٻيا شامل آھن جن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو مانجهند پوليس ڪارن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو هوڏانهن لڪي شاهه صدر انڊس هاءِ وي تي تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا غلام مصطفي شيخ ۽ شيراز شيخ زخمي ٿي پيا جن کي پڻ تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.