واهي پانڌي ويجهو زهريلو کير پيئڻ سبب 5 گهر ڀاتي بيهوش

واهي پانڌي (ن ع آ)دادو ضلعي جي علائقي واھي پانڌي ويجهو ڳوٺ عباس لنڊ ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب آلکاڻي برادري جي ھڪ ئي  خاندان جا 5 ڀاتي بيهوش ٿي ويا. بيهوش ٿيندڙن ۾ 70 سالن جي ڪامل، 15 سالن جي ڪريمان ۽ 13 سالن جي فاطمه سميت ٻه ڀائر محمد وهاب ۽ محمد آلکاڻي شامل آهن. جن مان ٻن ڀائرن جي حالت خراب هجڻ سبب جوهي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. وارثن موجب پاڙي وارن کير ڏنو جيڪو پئيڻ سبب گهر جا پنج ڀاتي جي طبعيت اچانڪ خراب ٿي ۽  الٽيون ڪرڻ لڳا جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.