قمبر لڳ ٽريڪٽر جو مستري رشتو ڏيارڻ بهاني اغوا

قمبر ( ن ع آ ) جي علي خان محلي جو رهواسي 22سالن جو ٽريڪٽر جو مستري تنوير هڪڙو رشتو ڏيارڻ بهاني اغوا ٿي ويو، نوجوان صبح  سوير وارثن کي رشتو ملڻ جو چئي پاڻ سان ڪجهه روڪ موبائل فون کڻي موٽر سائيڪل تي روانو ٿيو هو جيڪو ڪرم پور ڀرسان اغوا ٿي ويو سائڻس گڏ ويل ٻن نوجوانن واپسي اچي تنوير جي وارثن کي نوجوان  جي اغوا جو اطلاع ڏنو،اهڙي خبر پوڻ نوجوان تنوير جي وارثن جو چوڻ هو اسان غريب مسڪين پورهيت آهيون وس وارن کي اپيل آهي ته اسان جي نوجوان آزادي لاءِ مدد ڪئي وڃي،، آخري اطلاعن تائين اغوا جي قمبر سٽي ٿاڻي اين داخل ڪرائي وئي،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.