ڊکڻ لڳ پوليس چڙهائي، گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه، ڍور ڍڪ حوالي

ڊکڻ( ن ع آ)  ڊکڻ لڳ ڳوٺ روشن جتوئي تي خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن جي ايس ايڇ او پير جو ڳوٺ دلي  جان مگسي ۽ پوليس عملدار عبدالقادر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪئي،جتي  خيرپور پوليس  ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، خيرپور پوليس گهرن ۾ گهڙي گهر گهر تلاشي ورتي،جنهن دوران عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا،جڏهن ته پوليس گهر گهر تلاشي دوران گهرن ۾ سامان جي ڀڃ ڊاھ ڪئي،جڏهن ته خيرپور پوليس کي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي،  جڏهن ته پوليس هڪ ٽريڪٽر کي ٽرالي سميت تحويل ۾ وٺڻ سان گڏوگڏ 22 ڍور چوپايو مال ڪاهي گاڏين ذريعي خيرپور کڻائي ويا،ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن روشن جتوئي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته خيرپور پوليس ايس ايڇ او پير جو ڳوٺ دلي جان مگسي ۽ پوليس عملدار عبدالقادر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ اسانجي ڳوٺ تي  بنا جواز چڙهائي ڪري 22 ڍور چوپايو مال ڪاهي ڍڪ حوالي ڪرڻ بجاءِ گاڏين ذريعي خيرپور کڻي ويا آهن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.