نئين ڳوٺ جي اڳوڻي ناظم جو قتل ڪيس مان نالو خارج، طفيل لاکير آزاد ٿي گهر پهچي ويو

راڌڻ (ن ع آ)نئون ڳوٺ لڳ 19 ڏينهن اڳ قتل ٿيل انور لاکير جي قتل ڪيس ۾ شامل نامعلوم جوابدار جي جاءِ تي مقتول جي وارثن اڳوڻي ناظم طفيل احمد لاکير جو نالو شامل ڪيو هو جنهن بعد اڳوڻي يوسي ناظم پاڻمرادو ٿاڻي پھچي گرفتاري ڏئي ڪورٽ ۾ پيش پوڻ تي عدالت کيس 4 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ھو. ايس ايس پي دادو  جي جوڙيل انڪوائري ٽيم ۾ شامل ڊي ايس پي سٽي دادو پاران انڪوائري ڪرڻ تي ڪيس ۾ بي ڏوهي نالو اچڻ جي ثابتي بعد کيس ڪيس مان نالو خارج ڪيو ويو جنهن بعد کيس آزاد ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اڳوڻي ناظم طفيل احمد لاکير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون مٿان بيگناھه ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ مان بي گناھه آهيان.

گهوٽڪي پوليس پاران هفتي جي رپورٽ جاري، ڪيترائي جوابدار گرفتار

جان محمدسوسائٽي (ن ع آ) گهوٽڪي پوليس موجب گذريل ھفتي ۾ 03 پوليس مقابلا ٿيا جنهن ۾ 05 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جڏھن ته  05 جوا ۽ آڪڙا پرچي جا ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ 12 جوارين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جي قبضي مان 05 تاشون ، 03 آڪڙا پرچي بوڪ ، 05 موبائيل فون، 03 ڪلڪيوليٽر ۽ 6000 نقد برآمد ڪيا ويا. جڏھن ته 823گاڏيون چيڪ ڪيون ويون. 02 گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون.02نيريون بتيون لاٿيون ويون آهن 29 گاڏين ۾ لڳل رنگين شيشا لاٿا ويا.63 فينسي پليٽون لاٿيون ويون.  39بغير نمبر پليٽ جي موٽرسائيڪلون/گاڏيون ضبط ڪيون ويون. 04 منشيات جا ڪيس داخل ڪيا ويا. 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جي قبضي مان 02 ڪلو 200 گرام چرس ۽ 4700 نقد رقم برآمد 04 جوابدارن کي لائسنس نه رکندڙ هٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جي خلاف 04 الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا انھن جي قبضي مان 03 پستول ، 01 مائوذر ، ۽ 15 گوليون برآمد ضلعي ڀر مان 16 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

ميهڙ ۾ پوليس ڪارروائي، ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون مالڪن حوالي

ميهڙ ( ت ر ) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ لونگ تنيو کان چيڪنگ  دوران پري کان ايندڙ جوابدار پوليس کي ڏسندي موٽر سائيڪلون ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن  ته هٿ ڪيل موٽر سائيڪلون مالڪن جي حوالي ڪيون ويون آهن جڏھن ته موٽر سائيڪل مالڪن ايس ايڇ او ميھڙ رسول بخش ۽ وڏي منشي علي اصغر پنهور کي هار پهرايا ان موقعي تي ايس ايڇ او ميهڙ ٻڌايو ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آھي ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪبو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.