لاڙڪاڻي جا 6 کنڀيل اڃا اسير، وارث جدائي ۾ بيحال، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل پنجن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان ڪالهه به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي مختيار  بيگم چانڊيو، رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي درزي نوجوان انصاف دايو، شهر جي ايوب ڪالوني مان 3 آگسٽ تي پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ، ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي 7 جولاءِ تي نوجوان عاقب چانڊيو جڏهن ته ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان 23 آگسٽ تي  تي لاڙڪاڻي واسي ٻن پورهيت ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو کي کنڀي گم ڪيو ويو هو جن جو اڃان تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته اسان جا کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪنهن به ڏوهاري يا غلط قسم جي سرگرمي ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي ڪنهن سياسي تنظيم سان سندن ڪو تعلق آهي ان باوجود به هنن کي جبري طور کنڀي قيد رکيو ويو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.