اوٻاوڙي لڳ نوجوان گم، اغوا شڪ، احتجاج

اوٻاوڙو  (ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ حسين چاچڙ جو رھواسي نوجوان ظفر علي ولد رھزن چاچڙ  پراسرا نموني گم گھر کان شھر ويو چار  ڏينھن گذري ويا واپس گھر نه موٽيو موبائل فون بند وارثن پاران گھڻي ڳولا باوجود به نيگر جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگھيو وارث پريشان نيگر جي بازيابي لاء پوليس جي مدد نه ڪرڻ خلاف  ڳوٺاڻن جو مغوي نيگر ظفر علي چاچڙ جي والد رھزن چاچڙ جي اڳواڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي رھزن چاچڙ  صحافين اڳيان دانھون ڪندي ٻڌايو ته مان مسڪين آھيان ھارپو ڪري پنھنجو گذر سفر ڪندو آھيان منھنجي ڪنھن سان به دشمني ناھي مگر منھنجو ٻچڙو گھر کان شھر ويو چار ڏينھن گذري ويا آھن ھو گھر نه موٽيو آھي.  ان موبائل فون به بند آھي ڪافي ڳولا ڪئي مگر ان ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي اوٻاوڙو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو مگر ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي نيگر جي بازيابي جي خاطري ڪرائڻ بجاء ٻاھر ڪڍي ڇڏيو مان ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل کان اپيل ٿو ڪريان ته ايس ايڇ کي حڪم جاري ڪري منھنجو ٻچڙو واپس ڪرائي گھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.