ٿر ۾سهولتن ۽ خوراڪ جي کوٽ، وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾سهولتن ۽ خوراڪ جي کوٽ، وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت تفصيل موجب ٿرپارڪر ضلعي جي غريب ماروئڙن جو مصيبتن پيڇو ناهي ڇڏيو،ستن ئي تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏاهلي،ڪلوئي،ننگر پارڪر،ڏيپلو جي 26 سئو ننڍن وڏن ڳوٺن ۾  صورتحال ويتر خراب ٿي ويئي آهي،جنهن سبب غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ پنج مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون آهن،پنج معصوم گل ڪومائجي ويا آهن،اُنهي سلسلي ۾ مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن،جنهن بعد هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 651 ٿي ويو آھي، تازو فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 12 مهينن جي زاهده ۽ پون مهراج،سرتو ڪولهي،انور علي ۽ جيٺانند جا  تازا ڄاول ٻارڙا شامل  آهن،مٺي سول اسپتال سميت ٻين اسپتالن  ۾ ۾ 150 کان بہ وڌيڪ ٻارڙا زير علاج آهن،ٿر اندر ٻارڙن جي موت وارن واقعن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڪو بہ تحرڪ ناهي ورتو،اسپتالن ۾ علاج جون گهربل سهوليتون نؤ هجڻ ڪري ٻارن جي موت تي ضابطو اچڻ مشڪل بڻيل آهي،سنڌ حڪومت جي بار بار دعوائن جي باوجود ٿر ۾ صحت جون سهولتون نہ هجڻ جي برابر آهن،لکين رهواسي صحت جي سهولتن کان محروم هجڻ ڪري پريشان بڻيل آهن،شهرن جي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب ٻهراڙين ۾ بہ ڪي سهولتون موجود ناهن،جنهن سبب ٿري غريب ماڻهو ويتر مصيبتن ۾ ڦاسي پيا آهن،سنڌ حڪومت پاران مختلف وقتن تي اسپتالن جون بجيٽون ٻيڻيون ٽيڻيون ڪري ڊاڪٽرن جون پگهارون وڌائڻ جي باوجود ضلعي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ناهن ٿي سگهيون.

هر سال 7 کان 8 سئو ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجن ٿا

مٺي : ٻارڙن جي موت جي سنڌ حڪومت ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي،جنهن سبب هر سال 7 کان 8 سئو معصوم  ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجن ٿا، سال 2011ع کان وٺي هيل تائين هر سال سوين معصوم ٻار غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي زندگيون هارائن ٿا.

صحت کاتي جي ڪارڪردگي نه سڌري، صحت مرڪز نالي ماتر هلندڙ

مٺي : صحت کاتي جي ڪارڪردگي سالن کان نه سُڌري،ساڳئي حال ساڳئي ماڻهن لاءِ سور ڏسڻ ۾ اچن ٿا،ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾  بيسڪ هيلٿ سينٽر رڳو نالي ماتر قائم آهن پر اُتي گهربل ڪي بہ سهولتون موجود ناهن،ٿر جي 90 سيڪڙو ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون موجود ئي ناهن،جنهن سبب اُتان جا رهواسي گهاٽي ٽوڙ ڪرايا ڀري شهرن جي اسپتالن تائين پهچن ٿا پر جتان بہ اڳتي ڪراچي ۽ حيدرآباد ريفر ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.