چيف جسٽس احمد علي شيخ صاحب!  اسانکي اوهان تي ناز آهي

ايڊيٽوريل

اهو ڏسي بيحد سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي تاريخ پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو جيڪو موقعو ڏنو آهي تنهن تي جسٽس صاحب به پورو لهي رهيو آهي. هونئن ته تاريخ هر انسان کي اهڙو موقعو ڏيندي آهي پر پنهنجي منصب سان انصاف ڪري پنهنجي تاريخ ٺاهڻ ۽ تاريخ جي اميدن تي لهڻ هر ڪنهن جي وس جي به ڳالهه ناهي. ملڪ اندر ته ڪيترائي چيف جسٽس ۽ جسٽس ڪم ڪري رهيا آهن پر عدليه جي تاريخ ۾ جيڪي تمام ٿورا عوامي جج رهيا آهن تن ۾ چيف جسٽس احمد علي شيخ جو نالو به سونهري لفظن ۾ لکڻ شروع ٿي ويو آهي.  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي عوامي فيصلن جن سندس نالو سونهري لفظن ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي تن فيصلن ۾ ٽيون ڏينهن جيڪب آباد جي اسڪول ۾ شاگرد تي تشدد، شهداد ڪوٽ ۾ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي تي لينڊ مافيا جي ماڻهن جي تشدد جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ آهي.

رپورٽن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ روزاني عوامي آواز ۾ جيڪب آباد جي سينٽ جونز ۾ 8 ورهين جي شاگرد ساحل ملغاڻي تي ٿيل تشدد جي ڇپيل خبر تي پاڻمرادو نوٽس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جيڪب آباد ۽ تعليم کاتي جيڪب آباد جي ڊي اي او کي ٽن ڏينهن اندر ان ڏس ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايئن چيف جسٽس شهداد ڪوٽ ۾ ڪاليج جي پروفيسر تي ٿيل تشدد واري واقعي جو به پاڻمرادو نوٽس وٺندي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايئن ڪالهه  به چيف جسٽس صاحب هاءِ اسڪول ترائي جي تباهه ٿيل عمارت نه ٺاهڻ واري روزاني عوامي آواز ۾ لڳل خبر جو سختي سان نوٽس وٺندي ترائي هاءِ اسڪول جو دورو ڪري تفصيل ورتا. ياد رهي ته هاءِ اسڪول ترائي جي تباهه ٿيل بلڊنگ جي تعمير لاءِ سجاڳ سٿ جي نوجوانن طرفان ترائي کان گولاڙچي تايئن مارچ ڪيو ويو هو پوءِ به اسڪول جي بلڊنگ جو معاملو جيئن جو تيئن رهيو.

هونئن ته پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي روز عوام سان زيادتين جون ان ڳيڻون خبرون موجود هونديون آهن پر انهن جو واسطيدار ادارن طرفان ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويندو. ان ٻاٽ اوندهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جهڙا باضمير ۽ عوام دوست انسان وري جڏهن فرشتو بڻجي ظاهر ٿيندا آهن ۽ عوامي اشوز جو نوٽيس وٺندا آهن ته اهي اسان جي معاشري جي گدلي سينور جا نيل ڪنول ٿي نروار ٿيندا آهن ته خوشي جي ڪا حد ناهي رهندي.

پنهنجي ملڪ اندر هونئن ته اسان جي عدالت جي تاريخ ڪا ساکائتي ناهي رهي پر جيڪڏهن ان جي ساک کي ڪن انصاف پسندن بحال رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهڙن ٿورڙن ججن ۾ احمد علي شيخ صاحب به شامل آهي.  اسان کي اهڙن باضمير ۽ انصاف پسند ججن تي ناز آهي. اهو پنهنجو فرض آهي ته اسان انصاف پسند انسانن جو قدر ڪريون ڇاڪاڻ ته اسان کي اهو ڀليءَ ريت اندازو آهي ته ڏکئي مان ڏکيو ڪم ”انصاف“ ڪرڻ هوندو آهي. انصاف ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. انصاف اهو ئي شخص ڪري سگهندو آهي جيڪو نظرياتي طور تي عوام دوست هوندو آهي ۽ جنهن کي پنهنجن مفادن کان وڌيڪ عوام جا مفاد پيارا ۽ اتم هوندا آهن. اسان اهو به لکندا رهيا آهيون ته جيڪڏهن ادارن اندر درست، اهل، ايماندار، اصولي عوامي ۽ نظرياتي ماڻهو ويندا ته درست رخ ۾ ئي ڪم ٿيندو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واري مسند تي يقيني طور تي درست شخص ئي براجمان آهي تنهن ڪري درست ۽ عوامي مفادن جا فيصلا ٿيندي نظر اچن ٿا.

اسان کي اميد آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ صاحب ايئن ئي عوامي اشوز جا نوٽيس وٺندا رهندا ۽ عوام جي مفادن سان انصاف ڪندا رهندا تاريخ پاران پنهنجي تاريخ ٺاهڻ واري موقعي سان ايئن ئي انصاف ڪندا رهندا. شيخ صاحب کي ان احساس وچان عوامي مفادن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته هتي عوام جو ڪير به ناهي. هتي مافيائن جو راڄ آهي. بدي جي طاقتن جو نيٽ ورڪ حڪومتي ادارن کان وڌيڪ مضبوط آهي. عام ماڻهو بي پهچ ۽ انصاف ڪوهين ڏور آهي. عوام کي اوهان جهڙن انصاف پسندن جي ضرورت آهي جيڪي انصاف جي اعليٰ ڪرسيءَ تي ويٺل آهن. عدالت کي طاقت آهي ۽ جيڪڏهن عدالت حقيقي معنيٰ ۾ انصاف ڪري ته سندن اهو عمل ئي ملڪ اندر حقيقي تبديلي آڻي سگهي ٿو. اوهان جو انصاف پسند ضمير ان ڳالهه تي واضح ۽ چٽو آهي. تنهن ڪري اوهان مظلوم عوام جا مسيحا بڻجي ويا آهيو، هيرو ٿي ويا آهيو، بي زبان ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز ۽ طاقت بڻجي ويا آهيو، اهڙي عظيم رتبي تي رسڻ جي اوهان کي مبارڪ هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.