شهدادڪوٽ ۾پروفيسر تي حملي خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو، نعريبازي

شھدادڪوٽ ( ن ع آ ) شھدادڪوٽ ۾ پنج ڏينهن اڳ ھٿياربندن جي وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيل بوائز ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ جي پرفيسر  عبدالجبار جوڻيجو واري واقعي تي جتي ھرمڪتب فڪر جي  ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آهي اتي شاگردن ۾ به ڪاوڙ نظر اچي رھي آهي, ان حوالي سان اڄ شاگردن ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي زيب سنڌي,آڪاش ڇلگري,راھول ۽ وقار قريشي جي اڳواڻي ۾  ھڪ زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري پريس ڪلب پھچي لينڊ مافيا خلاف سخت نعري بازي ڪئي, ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لينڊ مافيا جي ماڻهن پيغمبري پيشي سان واسطو رکندڙ ھڪ استاد تي وحشياڻو تشدد ڪري سنڌ جي شعور کي ڏکايو آهي, جنهن ڪري پوري سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آهي,ھنن چيو ته پروفيسر واري واقعي جي جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ملڻ گھرجي ته جيئين مستقبل ۾ ڪنهن ٻي ظالم کي استاد توڙي ڪنهن مظلوم تي حملي ڪرڻ جي جريت نه ٿئي,ھنن چيو ته پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ھڪ فرض شناس استاد آهي جنهن سان ھر موڙ تي گڏ آھيون ۽ ايستائين چپ نه ويھنداسين جيستائين جوابدارن کي سزا نه ملندي, ٻي پاسي پروفيسر جبار جوڻيجو واري واقعي جو چيف جسٽس آف سنڌ ھاء ڪورٽ احمد علي شيخ پاران پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ کان پوء شھدادڪوٽ پوليس به حرڪت ۾ اچي ويئي آهي جنهن رات دير سان پروفيسر واري واقعي جي ڪيس ۾  نامزد ٽئين جوابدار خدا بخش مگسي کي به  گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.