آمريڪي چونڊون : ٽرمپ ٻه ٽنگو ڦاٿل، جوبائيڊن جو رستو صاف ٿي ويو

مسرور سيال

آمريڪا جيڪو ھميشه پاڪستان سميت ڪيترن ملڪن مٿان چٿرون ڪندو رھيو آھي ته ھنن ملڪن ۾ ھر اليڪشن تي ڌانڌلي جا الزام لڳندا آھن اھي ڪھڙيون جمھوري حڪومتون ھونديون جيڪي ڌانڌلين جي الزامن ھيٺ ھجن ! ڳالھه ته ڀلي آھي ۽ تنقيد به ڀلي آھي پر ! تنقيد جي اندر جيڪا چٿر آھي اھا ڪيئن ڀلي چئجي . اسين پوئتي پيل ملڪ پاڻ کي آمريڪا سان ڀيٽ نٿا ڏئي سگھون. آمريڪا جو نظام سڌريل ملڪن کان به بھتر آھي ان ڪري ته ھي ملڪ  دنيا جو اڪيلو سپر پاور آھي ھن جي پاليسين جا دنيا تي اثر پون ٿا .

ٻين ملڪن  جي جمھوريت ،طرز حڪومت ، ۽ چونڊ طريقيڪار تي تنقيد ڪندڙ آمريڪا ويجھڙائي وارين چونڊن  کان وٺي تازين ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ھنيا  ٻين ملڪن چين ، روس ، ايران جي مداخلت جا الزام پڻ ظاھر ڪيا، ھن وقت به ٿيل صدارتي چونڊن کي تڪراري بڻايو پيو وڃي. ٽرمپ سان مد مقابل جو بائيڊن اصل ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آھي پر ٽرمپ جي اعتراضن ۽ عدالت وڃڻ سبب نتيجا روڪيا ويا آھن ، ٽرمپ جو مطالبو آھي ته چئين رياستن جا نتيجا روڪيا وڃن ٻيھر ڳڻپ ڪئي وڃي ان ڪري ته ھنن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي آھي صحي ڳڻپ نه ڪئي وئي آھي ، ٽرمپ عدالت ڏانھن رجوع ڪري ورتو آھي ھاڻ عدالت ڪھڙو فيصلو ڏيندي اھا الڳ ڳالھه  آھي . جڏھن ته چونڊ نتيجا واضح  آھن ۽ ان ۾ آمريڪي قانون به واضع آھي آمريڪا جي رياست جو پنھنجو قانون ھوندو آھي ان قانون مطابق چونڊون ٿينديون آھن جن چار رياستن تي اعتراض واريا ويا  آھن اھي ڪي سگھارا اعتراض نه پيا چيا وڃن بس ٽرمپ کي پنھنجي لاءِ ماحول جوڙڻو آھي .

آمريڪي عوام پنھنجي ملڪ لاءِ 59 ھين صدر چونڊڻ لاءِ ووٽ ڏنا آھن 50 رياستن منجھان 44 رياستن جا چونڊ نتيجا ٻڌائن ٿا ته جوبائيڊن اڳتي آھي. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي جوبائيڊن کي253اليڪٽوريل ووٽ حاصل آھن جڏھن ته ٽرمپ کي 214 حاصل ٿي سگھيا آھن چئن  رياستن پنسلوينيا ،جارجيا ايريزونا ، وسڪانسن ، مشي گن ۾ سخت مقابلا ٿي رھيا آھن عالمي ميڊيا موجب ھتي به جو بائيڊن کي سرسي حاصل ٿي رھي آھي ھاڻ ته ھي ڳالهھ واضح ٿي وئي آھي آمريڪا جو صدر ٽرمپ نه رھندو پر جوبائيڊن 59 ھين صدر طور حلف کڻندو .

ڏسجي ته ٽرمپ پنھنجين غلط ۽  شدت پسند پاليسين سبب مار کائي ويو آهي ۽ آمريڪي عوام جو فيصلو نه رڳو آمريڪا جي عوام کي گھڻين ڏکيائن کان بچائي ورتو پر سندن ملڪ لاءِ  وڌندڙ نفرت کي به بند ٻڌو آھي ان سان گڏ دنيا کي به گھڻي قدر محفوظ ڪري ورتو آھي ، آمريڪا ھن وقت دنيا سان گڏ وڏي مشڪلاتن مان گذري رھيو آھي ڪورونا وائرس سبب ته آمريڪا جي سائنسي  خاص ڪري صحت کاتي ۾ ترقي جو ڀانڊو ڦاٽي پيو ھو، ڪاري نسل واري سان پوليس جي زيادتي تي ٿيل مظاھرن به ھن کي وائکو ڪيو ته سپر پاور سڏجندڙ ملڪ پنھنجي ملڪ مان نسل پرستي واري نفرت ختم ڪري نه سگھيو آھي ظاھر آهي چونڊن ۾ ھي مامرابه ته پنھنجو اثر ڏيکاريندڙ ھوندا جيڪو صدارتي چونڊن ۾ واضح آھن .

آمريڪي ميڊيا جوبائيڊن کي صدارتي عھدي لاءِ ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. واشنگٽن جا رستا سندس لاءِ صاف ٿي ويا آهن. ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پاليسي ڪنھن حد تائين تشدد کان پري واري رھي آھي جوبائيڊن پنھنجين تقريرن ۾ به اھڙو اظھار ڪندو رھيو آھي ته آمريڪا پاران مخالف ملڪن سان سخت رويا تبديل ڪيا ويندا . آمريڪا ۾ چونڊن کان پوءِ ڪافي ملڪن ۾ پڻ تبديليون اچڻ لڳنديون آھن جيڪي آمريڪي بلاڪ ھوندا آھن انھن ملڪن ۾ ته تبديليون اڻ ٽر بڻجي وينديون آھن .

سوال ھي آھي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن کان پوءِ آيل تبديلي جا اثر پاڪستان مٿان به پوندا يا نه ….؟ جنھن جو جواب آھي ته ھرحال ۾ تبديلي ايندي ۽ پاڪستان به ھڪ مشخري حڪمران مان ائين نجات حاصل ڪندا جئين آمريڪين مشخري صدر مان جان ڇڏائي آھي . آمريڪا ۾ تبديلي سبب پاڪستان جي پي ٽي آء حڪومت ۾ پڻ تبديلي اچڻ جا چٽا امڪان آھن مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم کي مضبوطي ملندي، اھڙي نموني دنيا ۾ پڻ تبديلي جي لھر ايندي ان باوجود به اھو نٿو چئي سگھجي ته دنيا مڪمل پرسڪون بڻجي ويندي يا پٺ تي پيل ملڪ ترقي طرف وڌڻ شروع ڪندا . آمريڪا جو صدر تبديل ٿيڻ سان ڪجھه پاليسيون ضرور التوا ۾ رکيون وينديون آھن پر انھن کي مڪمل ختم ناھي ڪيو ويندو ان ڪري ته ملڪ جون پاليسيون اصل ۾ ٿنڪ ٽيڪ جي تجويز ٿيل نڪتن ھيٺ جوڙيون وينديون آھن بس ايترو آھي ته آمريڪا سميت دنيا ھڪ مشخري ۽ بي سمجھه  آمريڪي صدر ٽرمپ کان نجات حاصل ڪري وٺندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.