سوچ کي هميشه مثبت رکڻ گهرجي

نعيم سنڌو

اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، ان جي جيتري به ”معلوم تاريخ“ جو جائزو وٺبو ته اسان کي هڪ شئي نظر ايندي ته دنيا جي لڳ ڀڳ هر خطي ۾ جيڪو به طاقتور رهيو آهي، اهو اڪثر ڪري ظالم به هوندو آهي، جيتوڻيڪ سمورا ايئن نه هئا يا ايئن ناهن، پر اڪثريت ايئن ئي ثابت ٿي آهي، اڄ جي ليک ۾ به ڪجهه اهڙن ئي معاملن تي مختصر نظر وجهبي ته جنهن پياري پاڪستان ۾ اسين رهون ٿا، اتي ڪيئن پهريان ”طاقتور ڌرين“ طرفان مظلومن مٿان قهر جا ڪوٽ ڪيرايا ويا ۽ ڪيئن وري ”قدرت“ جي طرفان انهن جي دلين ۾ رحم وڌو ويو ۽ ”هُو“ هن وقت حد کان وڌيڪ ”مهربان“ ثابت ٿي رهيا آهن!

ان حوالي سان جيتوڻيڪ اسان کي گهرجي ته سڀ کان پهريان ستر واري ڏهاڪي جو ذڪر ڪجي ته ڪيئن ”پنهنجن“ ئي مسلمان بنگالي ڀائرن مٿان ظلم جي انتها ڪري سندن حق ڦٻائي کين ”وفاق“ کان بد دل ڪري ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ ان کان بعد وري 80 واري ڏهاڪي ۾ وفاق جي ٻين حصن خاص ڪري سنڌ سان ساڳئي روش رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوءِ هتي به ”ڌار ٿيڻ“ جا نه صرف نعرا لڳا، پر ان سان گڏ باقائدي تاريخي حوالن سان هڪ ”خاص نظرئي“ جنم ورتو، جيڪو اڳتي هلي ڪري هتان جي ”طاقتور ڌرين“ لاءِ خطري جو اهڃاڻ بڻيو ۽ پوءِ مختلف وقتن تي ظلم ۽ جبر ذريعي مظلومن کي ان نظرئي تان هٽائڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون، جنهن ۾ وري گذريل ڏهاڪو سنڌ لاءِ انتهائي بدترين ثابت ٿيو، جڏهن ڪجهه سال اهڙا به آيا جو چچريل لاش ملڻ هڪ عام ڳالهه بڻجي وئي هئي،

پر جيئن ته سنڌي ماڻهن جي اڪثريت شروع کان وٺي ”صلح جُو“ به رهي آهي، ان ڪري اهڙي وقت تي اهڙي قسم جي ماڻهن نه صرف وفاق کي ”ڪلهو“ ڏنو، پر ان سان گڏ پنهنجي مظلوم ڀائرن جا پڻ ڀرجهلو بڻجي اڳيان نڪري آيا، جن ۾ سياسي، سماجي، ادبي لڏي سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان گڏ جيڪڏهن سنڌي ميڊيا جو ذڪر نه ڪجي ته اها وڏي زيادتي ٿي ويندي،  جنهن ان سڄي مرحلي دوران ”هراول دستي“ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ سياسي، سماجي، ادبي توڙي صحافتي سطح تي مختلف وقتن تي مختلف چهرا نظر آيا، پر سندن مقصد هڪ ئي رهيو ته ظالم ۽ مظلوم ٻنهي جي مدد ڪرڻي آهي، مظلوم جي مدد ايئن جو ساڻس ٿيندڙ ظلم ۾ سندس ڀرجهلو ٿي بيهڻ ۽ ظالم جي مدد ايئن جو کيس ظلم ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻي ان ۾ کين ڪهڙيون ڪاميابيون مليون ۽ ڪيئن مليون، ان جو ذڪر مختصر آخر ۾ ڪبو،

پهريان ويجهي ماضيءَ اندر سنڌ سان جيڪي زيادتيون ٿيون جو هتي ذڪر ڪرڻ لازمي آهي.انهن ۾ پهرين نمبر تي ته يوپي، سي پي، بهار، افغانستان ۽ توڙي ٻين علائقن مان آيل ماڻهن کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي (جنهن ۾ هن وقت تائين ”هُو“ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن ۽ 3 سال پهريان جيڪا آدم شماري ٿي انهيءَ موجب به سنڌي اڄ به پنهنجي ڌرتي تي اڪثريت ۾ ئي آهن)، ٻئين نمبر تي وسيلن جي ڦرلٽ، نوڪرين کان وٺي ڪاروبار تائين هر هنڌ تي سنڌ سان زيادتي، سياست ۽ صحافت تي لکين پهرا، پوءِ جيڪو به انهن ظلمن خلاف ڳالهائيندو هيو، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هيو، انهيءَ کي ”ظالماڻي“ طريقي سان چٿيو ويو، خاص ڪري هڪ ”مخصوص نظرئي“ وارن جو ته جيئڻ ئي جنجال بڻجي چڪو هيو ( هتي مان ”هيو“ لفظ استعمال پيو ڪريان، جيڪو ماضيءَ جو صيغو آهي، ڇو ته آڪٽوبر کان پوءِ  جيڪو ڪجهه اسان جي آڏو اچي پيو، ان سبب ڪيتريون ئي اميدون جاڳي پيون آهن) ۽ اهو ظلم ايترو وڌي ويو جو گڏيل قومن جي پڌرنامي سان گڏوگڏ انسانيت جي ئي توهين ٿيڻ لڳي هئي، جنهن تي سياسي سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۾ هڪ بيچيني پيدا ٿي، جن محسوس ڪيو ته ملڪ جي ماڻهن کي بنا ڪنهن ڏوهه ٻڌائڻ جي گم ڪري ڇڏڻ وارو غيرقانوني عمل ڪنهن به ملڪ ۽ ملڪي ادارن جي بهتري ۾ نٿو ٿي سگهي،

ٿيڻ ته ايئن گهرجي جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ٿو وڃي ته ان کي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي، ايئن ڪرڻ سان نه معاشري ۾ نفرت وڌندي ۽ نه ئي گرفتار ڪيلن جي وارثن ۾ بيچيني پيدا ٿيندي، ويتر اهڙن عملن سان ماڻهن ۾ ڪروڌ ۽ نفرت وڌندي آهي، ۽ هتي بلڪل ائين ئي ٿيو، جيئن جيئن ماڻهن جون گمشدگيون وڌنديون ويون تيئن تيئن ماڻهن ۾ ڪروڌ ۽ نفرت وڌي، جيڪي گهرن مان نڪري روڊن ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪري ڏينهن راتيون گذارڻ لڳا، گم ڪيلن جي معصوم ٻارن جا سڏڪا، امڙين جا ڳوڙها ۽ ونين جا ويڻ ڏسي حساس دل رکندڙ ماڻهو به انهن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ آڏو آيا، جن ملڪ ۾ وڌندڙ لاقانونيت خلاف احتجاج ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو انهن ۾ سبين محمود، حامد مير، آمنه جنجوعه ۽ پنهل ساريو سرفهرست هئا. مهذب ملڪن ۾ عام ماڻهو جي احتجاج ۽ اختلاف کي ٻڌو ويندو آهي ۽ ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، هتي به ائين ٿيڻ گهرجي ها، جيڪي ماڻهو يا تنظيمون سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف سرگرمي ڏيکاري، انهن کي ٻڌي ڪري انهن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي ها، پر ايئن نه ٿيو ۽ ان وقت هتان جي ”طاقتور ڌرين“ انهن ماڻهن توڙي تنظيمن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ايتري قدر جو جن ماڻهن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهن ماڻهن سان گڏ انهن جي خاندانن کي پڻ ڀوڳڻو پيو ۽ پوءِ انهن روڊن تي آيل خاندانن هڪ اهم ترين گڏيل جدوجهد جي شروعات ڪئي پر ٿيو ائين جو ان وقت به معاملن کي فهم ذريعي حل ڪرڻ بدران مظلوم خاندانن ۽ انهن جو ساٿ ڏيندڙن کي ئي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان دوران گم ڪيلن بابت جاکوڙيندڙ سماجي تنظيم جي اڳواڻ سبين محمود کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، حامد مير تي قاتلاڻو حملو ٿيو، کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ پنهل ساريو پاڻ کنڀجي ويو پر ان سان کنڀي گم ڪيل ماڻهن لاءِ ٿيندڙ احتجاج وڌيڪ سگهارو ٿيندو ويو، وارثن عدالتن جو رخ ڪيو، ججن اڳيان احتجاج به ٿيا ۽ ان وقت جي چيف جسٽسز کي نوٽيس وٺڻا پيا، چيف جسٽس افتخار چوڌري کان وٺي چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ چيف جسٽس ثاقب نثار تائين سڀني خاص نوٽيس وٺي اهم هدايتون جاري ڪيون، پر تنهن هوندي به ڪو کڙتيل نه نڪتو هيو، ان وچ ۾ ٿيندو ايئن هيو جو ڪجهه ماڻهن کي ڇڏي وري ڪجهه ٻين شعور رکندڙن ۽ سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي سرگرم ماڻهن کي کنڀيو ويندو هيو.

پر گذريل سال جون ۾ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر سان انساني حقن جي اڳواڻ آمنه جنجوعه ملاقات ڪري جبري گمشدگين جو مسئلي تي ٿيل ڳالهه ٻولهه کان بعد اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان سامهون آيو ته جيڪي ماڻهو رياست وٽ آهن اهي قانوني عمل مان گذري رهيا آهن، اسان جون دليون لاپتا ماڻهن جي گهروارن سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي چڪو آهي ۽ آرمي چيف لاپتا ماڻهن لاءِ جي ايڇ ڪيو ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي. سيڪيورٽي ادارن جي خاص نمائندي جو اهڙو بيان ٻڌي ڪجهه اميد پيدا ٿي ته هاڻي جبري گمشدگين وارو مسئلو حل ٿيڻ وارو آهي، پر جون 2019 کان آگسٽ 2020 تائين سواءِ هڪ اڌ واقعن جي ڪا خاص اڳڀرائي ڏسڻ ۾ نه آئي، نه ته کنڀيل ماڻهن کي ڪورٽن ۾ پيش ڪري قانوني عمل مان گذاريو ويو ۽ نه ئي “ڪنهن جون” دليون لاپتا ماڻهن جي امڙين، ڀينر، ونين سان گڏ ڌڙڪندي محسوس ٿيون.

جيئن شروع ۾ لکيو اٿم ته سنڌ اندر ظلمن جي انتها ڏسي ڪيئي ڌريون ان کي روڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندي ڏسڻ ۾ آيون، جن ۾ “وائس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ” ۽ ” سنڌ سڀا“ به پنهنجو ڪردار خوب نڀايو ۽ سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ صحافتي لڏي به پنهجي وسان ڪين گهٽايو ته هاڻي هن سال آڪٽوبر کان وٺي وڏي انگ ۾ نه صرف گم ٿيل ماڻهن جي واپسي ٿي آهي، ان سان گڏ هاڻي ”ڳالهين جا دور“ پڻ شروع ٿي چڪا آهن ۽ اهي ڳالهيون مظلومن جي نمائندگي ڪندڙ مختلف ڌرين سان جنهن قسم جي ”مثبت ماحول“ ۾ ٿي رهيون آهن ته ڪافي معاملن کان ”باخبر“ هئڻ ناتي يقين سان اهو چئي سگهجي ته انهن ڳالهين جي ڪاميابيءَ سان سنڌ جي سياست جو پورو ”وايو منڊل“ ئي تبديل ٿيڻ جا امڪان آهن، هونئن به سوچ کي هميشه مثبت ئي رکڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه هيٺ مٿاهين ٿي به وڃي، پر مجموعي طور تي صورتحال بهتر ئي رهڻ جا امڪان آهن، ڇو ته ”اهم ڌرين“ کي احساس ٿي چڪو آهي ته ”پنهنجن“ خلاف طاقت جو استعمال ”پنهنجي“ لاءِ ئي نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.