ڪڪڙ مان کنڀيل پورهيت دودو چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪڪڙ (ن ع آ)ڪڪڙ ۾ کنڀي گم ڪيل  پورھيت دودو چانڊيو اڃا تائين آزاد ن ٿي سگھيو آھي جن جي آزادي لاءِ وارثن پاران ڄام  چانڊيو، مقبول چانڊيو، احسن علي، نادر جوڻيجو، عبدالرزاق قمبراڻي، علي شير ملاح ۽ دلبر چانڊيو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ ۾ 19 ڏينھن به ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ميڍيا آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي گم ڪيل نوجوان جي ڀاءُ ڄام خان چانڍيو چيو آھي ته ڀاءُ دودو چانڊيو جي آزادي لاءِ اسين 19 ڏينھن تائين احتجاج ڪري رھيا آھيون پر ڪڪڙ پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان لاچاري ظاھر ڪري ڇڏي آھي جنھن ڪري اسين انصاف لاءِ آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون انتظاميا ڀاءُ جي آزادي لاءِ مدد نه ٿي ڪري ۽ نه ئي ساڻس سھڪار ڪرڻ لاءِ تيار آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.