وڏي وزير پاران سنڌڙي ۾ ٻن ڄڻن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جو نوٽيس

ميرپورخاص (رپورٽ: صالح اوٺو) تعلقه سنڌڙي لڳ ڳوٺ خان محمد راهمون ۾ خميس واري ڏينهن 9 ورهين جي معصوم نينگر گلشير راهمون  پاڻي جي کڏ ڀرسان راند کيڏندي پيرترڪڻ سبب کڏ ۾ ڪرڻ ۽ کيس بچائڻ لاءِ کڏ ۾ ٽپو ڏيندڙ مائٽ محمد نواز جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران نوٽيس ورتو ويو آهي، ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويل معصوم ٻار سميت ٻن ڄڻن فوت ٿيڻ واري مامري جي مڪمل رپورٽ طلب ڪندي ميرپورخاص ڊويزن سميت نوابشاه ڊويزن جي مختلف علائقن ۽ زرعي زمينن ۾ بيٺل برسات جي پاڻي سميت گٽرن جي پاڻي کي فوري طور نيڪال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ٻيطرف سرڪاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ  چيو آهي ته پاڻي جي نيڪالي ميرپورخاص ڊويزن ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جو گڏيل مسئلو آهي انهي کي گڏيل ڪوششن سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.