“باگڙي آهيو“ فريد آباد ۾ڊاڪٽرياڻي علاج لاءِ آيل ٻارن کي مبينا طور موٽائي ڇڏيو

فريد آباد ( رپورٽ: معشوق چانڊيو  ) فريدآباد ۾ سالن کان مقرر ايم سي ايڇ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽرياڻي دوا وٺڻ لاءِ ويل معصوم نياڻين کي باگڙين جا ٻار چئي چمبا ھڻي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. معصوم نينگريون روئيندي  روئيندي موٽي ويون، نياڻين جي وارثن ۽ نـينگرين جو ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ۽ بک هڙتال. ڊاڪٽرياڻي انچارج جي اڍنگي رويي خلاف ڳوٺ مٿين اک ڪڍائي جي رهواسين غلام شبير ڪرٽيو، ذوالفقار ڪرٽيو، معصوم نينگرين فائزا، فوزيا، عذرا  ڪرٽيو ۽  بک هڙتالي ڪئمپ هڻي ڇڏي. ھنن الزام ھڻندي چيو تـ  ٽي ڏينهن اڳ ايم سي ايڇ سينٽر تي دوائون وٺڻ لاءِ ويل معصوم  ٻارڙن کي باگڙين جا ٻار چئي چمبا ھڻي اسپتال کان ٻاھر  ڪڍي ڇڏيو جنهن کان پوءِ مسلسل احتجاج پڻ ڪيو ويو آهي پر دادو ضلعي جي آفيسرن پاران ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو ھنن چيو ته اسان جي ٻچڙن سان وڏي نا انصافي ٿي آهي جسيتائين ايم سي ايڇ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽرياڻي فرھانا شاھ سميت  پراڻو عملو نه هٽايو ويندو تيستائين منهجي ٻچڙن سميت بک هڙتال جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.