سي اي اي کي آرڊيننس ذريعي ورهائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) حڪومت آرڊيننس ذريعي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا  سي اي اي جا2  ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.ذريعن موجب ريگوليٽري معاملن ۽ ايئرپورٽ ڪمرشل آپريشن لاءِ ٻه الڳ ڊائريڪٽر جنرل هوندا. ٻئي پاسي وفاقي سيڪريٽري ايوي ايشن ڊويزن حسن ناصر جامي کي قائم مقام ڊي جي طور 3 مهينن جي واڌ ڏني وئي آهي. ذريعن موجب 600 درخواستون ملڻ باوجود ڊي جي لاءِ ڪو موزن اميدوار نه ملي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.