”پنجابي ۾ تعليم ڏيو“ لاهور ۾ ريلي

لاهور(رپورٽ:حفيظ  چنا)لاهور ۾  پنجابي پڙهايو ريلي ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ جو پنجاب  مخالف بيان تي پتلو ساڙيو ويو، پنجابي پرچار، پنجاب نيشنل پارٽي پاڪستان ۽ وڪيلن، استادن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرو ڪندڙن جو مطالبو هو ته پهرين جماعت کان پنجابي کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي، پاڪستان جي باقي ٽن صوبن ۾ اتان جي قومي زبان پڙهائي پئي وڃي رڳو پنجاب جي 12 ڪروڙ رهواسين کان سندن زبان جو حق کسيو پيو وڃي، ريلي کي پنجاب نيشنل پارٽي جي صدر احمد رضا وٽو خطاب ڪندي چيو ته پنجاب اندر پنجابي ۾ پڙهائڻ جو حق آئين به ڏئي ٿو، يونيسڪو جون قراردادون به ماءُ جي ٻولي ۾ پڙهائڻ تي زور ڏين ٿيون، سپريم ڪورٽ  ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ به فيصلا ڏئي چڪيون آهن، هزارين ماڻهو مطالبو پيا ڪن ته پنجاب سرڪار کي پنجابي پڙهائڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي، ديپ سعيد چيو ته پنجاب حڪومت پنجابي نه پڙهئاي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، ان موقعي تي پروفيسر طارق جٽاله، شگفته گمي، ڪامريڊ عرفان ، مدثر اقبال بٽ، جميل پال، ڊاڪٽر عنصر جميل، شاعر بابا نجمي، افضل ساحر، ملڪ مجاهد کوکر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.