بلاول کي گلگت ڇڏڻ جو حڪم عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسڪردو ( م ڊ ) پيپلز پارٽي  جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گلگت ڇڏڻ جي عدالتي حڪم  کي  عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پ پ جي پڌرائي موجب امجد ايڊووڪيٽ پ پ پاران گلگت جي چيف ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائيندو.وڪيل چيو ته گلگت بلتستان جي عدالت  جو فيصلو غير قانوني ۽ غير آئيني آهي،چيف ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم بينچ ۾ چيلينج ڪنداسين.واضح رهي ته گذريل ڏينهن  گلگت بلتستان جي چيف ڪورٽ بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز ،ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ٽن ڏينهن اندر  گلگت ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو.ان کان اڳ ۾ گلگت بلتستان جو چيف اليڪشن ڪمشنر  پڻ بلاول ڀٽو زرداري تي اليڪشن ضابطن جي ڀڃڪڙين جو الزام مڙهي چڪو آهي.

گلگت ۾ ن ليگ پاران ڌانڌلي جو گوڙ  شڪست جو  اعتراف آهي: شبلي فراز

اسلام آباد ( م ڊ )سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز  چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ ن ليگ جي قيادت  جو ڌانڌلي جو گوڙ  شڪست جو  اعتراف آهي.سوشل  ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي  وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته هميشه ڌانڌلي جي ذريعي قوم مڙهيل رهڻ وارن جي واويلا  ڪارگر ثابت نه ٿيندي. هن چيو ته گلگت بلتستان جو عوام ن ليگ کي چڱي ريت  سڃاڻي ٿو.وفاقي وزير چيو ته عوام سوال پڇي رهيو آهي ته  ن ليگ وارا 5 سالن ۾ ڪجهه ڪري نه سگهيا ته هاڻ ڇا ڪندا؟ واضح رهي ته گلگت بلتسان ۾ عام چونڊون جيئن ئي ويجهيون ٿينديون پيون وڃن، حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪٻئي تي ڌانڌلين جا الزام مڙهي رهيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.