کاهي ۾ دارالامان مان دوکي سان گهر آندل ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل

کپرو(رپورٽ: اسلم بوزدار) کاهي ٿاڻي جي حد ۾ دولت آباد جي ڳوٺ در محمد شر  ۾ مڙس بااثرن جي چرچ تي دارالامان مان حفاظت جي ضمانت ڏئي گهرايل ناري کي  ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو. بااثر وڏيري جي چرچ تي رڳو هڪ پوليس اهلڪار لاش کڻائي ويو. ڳوٺ در محمد شهر ۾  مڙس جمن شر ۽ سندس ڀاءُ تاج محمد شر پنهنجي گهرواري گلشانه شر کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو، عورت جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ گهر ۾ پيل رهيو. اطلاع تي کاهي پوليس هڪ پوليس اهلڪار سان گڏ مڙھ کپرو تعلقه اسپتال آندو ويو جڏھن ته لاش گڏ ڪو به ذميوار پوليس عملدار نه آيو سپاهي کي لاش سان گڏ موڪليو ويو، مقتول عورت سان گڏ والد محب شر  گڏ آيو.  علائقي واسين موجب ڳوٺ جي وڏيري در محمد ڌمڪي ڏني هئي ته ڪو به لاش سان گڏ نه وڃي، خوف سبب لاش سان گڏ صرف مقتول عورت جو والد ۽ هڪ پوليس اهلڪار آيو. لاش کي پوڙھي پيءُ ۽ ايگل اسڪوائڊ پوليس کپرو جي ٻن اهڪارن لوڊر رڪشي مان لاٿو جڏھن ته لاش جو کپرو تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙھ وارث حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن ته کپرو تعلقه اسپتال کپرو انتظاميه ايمبولينس به ناهي ڏني لاش کي رڪشي ذريعي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو ٻئي طرف کاهي پوليس سان رابطي تي ٻڌايو ته واقعي جي جانچ ڪري رهيا آھيون وڌيڪ ڪاروائي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏھن ته پيءُ محب شر موجب منهنجي ڌيءُ کي ڳوٺ جي وڏيري مڙس ۽ منهنجي پٽ ھٿان مارايو آھي.

ناري قتل جي خوف کان ٿاڻي تي پهتي هئي: علائقي واسي

کپرو:  مقتول ناري گلشانه واقعي کان ڪجهه وقت اڳ ٿاڻي تي پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي هئي ته سندس مڙس بااثر وڏيري در محمد  جي چرچ تي کيس قتل ڪرڻ چاهي پيو. ناري پنهنجي بيان ۾ پوليس کي چيو هو ته بااثر وڏيري سندس پيءُ کي ڌمڪي ڏني آهي ته ڌيءُ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏ، نه ته ٻي صورت ۾ اسان ماري ڇڏينداسين. ناري جي والد محب شر جو چوڻ آهي ته بااثر ڪارنهن جو الزام مڙهه سندس پٽ هٿان ئي ننهن کي قتل ڪرايو آهي. هن اعليٰ عدالتن کي اپيل ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.